داخلا نمبر 8562
عنوان چانڊيو، عاشق
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 4 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد چوٿون
عاشق چانڊيو

عاشق چانڊيو

چانڊيو، عاشق

چانڊيو، عاشق: نئين ٽهيءَ جي شاعر عاشق چانڊيي جو اصل نالو احمد علي ولد محمد سليمان چانڊيو آهي. سندس جنم 05 فيبروري 1969ع تي ڳوٺ ايوب خان چانڊيي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. تعليم مڊل اٿس. غريب گهراڻي سان واسطو هجڻ سبب وڌيڪ تعليم پرائي نه سگهيو. هن لکڻ جي شروعات 1985ع کان ’آزاريل عاشق‘ جي نالي سان ڪئي. شروع ۾ ڳائڻ سان چاهه هئس، بعد ۾ مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌي ۽ زخمي چانڊيي جي صحبت ۾ اچڻ سبب مٿس شاعراڻو اثر پيو. 1991ع ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. عاشق چانڊيو هميشه پنهنجو ڪلام ڳائي پيش ڪندو آهي. سندس شاعريءَ ۾ مزاحمت ۽ طنز و مزاح جو عنصر هوندو آهي. 15 آگسٽ 2003ع تي شهدادپور ۾ مٿس قاتلاڻو حملو ٿيو، جنهن ۾ هو پنهنجي گهر واريءَ شاعره ڪبريٰ چانڊيو سميت شديد زخمي ٿيو. هيءُ سنڌي ادبي سنگت شاخ شهدادپور جو سرگرم ڪارڪن آهي. ان کان سواءِ سندس واسطو مختلف سياسي، سماجي تنظيمن سان پڻ آهي. هن ’عائشه پبليڪيشن‘ (شهدادپور) نالي هڪ پبلشنگ اداري جو بنياد وڌو، جنهن ذريعي مختلف اديبن شاعرن جا ڪتاب ڇپرائيندو رهي ٿو. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ’دل جي آڳر تي‘ (2003ع) ۽ ’لفظن جو رقص‘ 2009ع) عائشه پبليڪشن طرفان ڇپيل آهن. ڪاوش گروپ آف پبليڪشن پاران ڇپجندڙ ماهوار هالار ڊائجسٽ ۽ سنڌ رنگ طرفان ’بهترين شاعر‘ طور مڃتا سرٽيفڪيٽ سميت ٻيا ڪيترائي اوارڊ سرٽيفڪيٽ مليل اٿس. روزگار سانگي مستقل طور شهدادپور ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.02.05  عيسوي

سندس جنم 05 فيبروري 1969ع تي ڳوٺ ايوب خان چانڊيي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو


2003.08.15  عيسوي

15 آگسٽ 2003ع تي شهدادپور ۾ مٿس قاتلاڻو حملو ٿيو، جنهن ۾ هو پنهنجي گهر واريءَ شاعره ڪبريٰ چانڊيو سميت شديد زخمي ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون