داخلا نمبر 8565
عنوان چانڊيو، عبدالحئي، پروفيسر
شاخ اديب
پڙهيو ويو 19 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد چوٿون
 پروفيسر عبدالحئي چانڊيو

پروفيسر عبدالحئي چانڊيو

چانڊيو، عبدالحئي، پروفيسر

چانڊيو، عبدالحئي، پروفيسر: ماهر تعليم ۽ نامور اديب پروفيسر عبدالحئي ولد مولانا محمد قاسم چانڊيو، 1927ع ڌاري ڳوٺ ٺوڙهي بجار، تعلقي قنبر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ٺيڙهي مدرسي، ضلعي خيرپور مان حاصل ڪرڻ بعد سنڌ مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ڏنائين. عربي ۽ فارسي ۾ عالم فاضل جو امتحان پاس ڪري ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن مدرسه دارالهديٰ ٺيڙهي ضلعي خيرپور ۾ درس و تدريس جو آغاز ڪيو. ان کانپوءِ ڇهه سال ڪوهه مريءَ ۾ مترجم رهيو. واپس اچي 1960ع ڌاري شاهه لطيف اورينٽل ڪاليج قنبر جو بنياد وڌائين، جيڪو بعد ۾ سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو. وڏو مذهبي عالم هو، کيس سنڌيءَ کان سواءِ عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين تي به دسترس حاصل هئي. هاري ڪاميٽيءَ جي بنيادي ميمبرن مان هو ۽ بزم طالب الموليٰ جو به ميمبر رهيو. عورتن جي آزاديءَ لاءِ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکيائين. هن ذاتي لائبريري به قائم ڪئي، جيڪا بعد ۾ قنبر ڪاليج کي ڏيئي ڇڏيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ ڄام شوري ۾ ويهن سالن تائين عربي ۽ فارسيءَ جو پروفيسر رهيو ۽ فارسيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪندڙ ڪيترن شاگردن جو نگران رهيو. 1986ع ڌاري رٽائر ٿيو. سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿيا: (1) ’ماروئـڻ‘ (عورتن جي حـوالي سان)، (2) ’امرت ويـلا‘ (آتم ڪٿـا)، (3) ’اسـلام مين عـورتـون ڪي حـقـوق‘ (اردو).
پروفيسر عبدالحئي، جنوري 2008ع ۾ وفات ڪئي، سندس مدفن قنبر شهر جي قبرستان ۾ آهي.


لفظ چانڊيو، عبدالحئي، پروفيسر هيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آهي
چانڊيو، عبدالحئي، پروفيسر
هن صفحي کي شيئر ڪريو