داخلا نمبر 8575
عنوان چانڊيو، قمرالدين (رانديگر):
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 3 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد چوٿون
قمرالدين چانڊيو (رانديگر)

قمرالدين چانڊيو (رانديگر)

چانڊيو، قمرالدين (رانديگر):

چانڊيو، قمرالدين (رانديگر): والي بال جو مشهور رانديگر قمرالدين ولد احمد خان چانڊيو، 7 نومبر 1936ع تي ڳوٺ گٽهڙ تعلقي قنبر ۾ ڄائو. 1947ع ڌاري پرمانند هرداس هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ پڙهڻ دوران والي بال راند ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. 1950ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ ٿيل سنڌ ٽورنامينٽ ۾ پهريون دفعو ٽريننگ ڪاليج لاڙڪاڻي طرفان نيٽ تي کيڏيو. بهترين راند کيڏڻ تي ان وقت جي مشهور والي بال رانديگر استاد ٺارل کيس پاڻ سان کيڏايو. هن کي استاد ٺارل ’ننڍڙي‘ جي نالي سان سڏيندو هو. اڳتي هلي ان نالي سان مشهور ٿيو. هيءُ تعليم کاتي ۾ ملازم هو. ارڙهين گريڊ ۾ رٽائر ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.11.07  عيسوي

والي بال جو مشهور رانديگر قمرالدين ولد احمد خان چانڊيو، 7 نومبر 1936ع تي ڳوٺ گٽهڙ تعلقي قنبر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون