داخلا نمبر 8577
عنوان چانڊيو، ڪلثوم اختر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 4 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد چوٿون
 ڪلثوم اختر چانڊيو

ڪلثوم اختر چانڊيو

چانڊيو، ڪلثوم اختر

چانڊيو، ڪلثوم اختر: ڪلثوم اختر چانڊيو جو شمار دادو ضلعي جي سرگرم سياستدانن ۾ ٿئي ٿو. هن 10 مارچ 1965ع تي ڳوٺ گل محمد چانڊيي، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان اقتصاديات جي مضمون ۾ ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي ڪئي اٿس. وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل رهي آهي. سندس والد مرحوم الهه بخش چانڊيو پيپلز پارٽيءَ جي بنيادي ڪارڪنن مان هو. ڪلثوم اختر سياسي زندگيءَ جي شروعات 1982ع کان ڪئي. نائين درجي ۾ پڙهندي هئي ته سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي گرلس ونگ ۾ شامل ٿي. ضياء الحق جي مارشل لا دوران ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ عورتن ۾ جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ بابت اتساهه پيدا ڪيائين. 1986ع ۾ احتجاج دوران رينجرز جي فائرنگ ۾ شديد زخمي ٿي پئي، ان هوندي به اڄ تائين پارٽيءَ سان وفاداريون نڀائيندي اچي. 18 فيبروري 2008ع وارين چونڊن لاءِ شهيد بينظير ڀٽو کيس عورتن جي مخصوص سيٽ لاءِ نامزد ڪيو. جنهن بعد چونڊن ۾ ايم.پي. اي چونڊجي آئي. ان دوران هن پنهنجي ڪوٽا تحت علائقي ۾ ترقياتي ۽ فلاحي ڪم ڪرايا آهن. هن وقت شهيد محترمه سان گذاريل سياسي ويجهڙائپ وارين يادگيرين کي محفوظ ڪري رهي آهي. سندس شادي پير نياز محمد شاهه سان ٿي. پ پ ليڊيز ونگ، ضلعي دادوءَ جي صدر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.03.10  عيسوي

ڪلثوم اختر چانڊيو 10 مارچ 1965ع تي ڳوٺ گل محمد چانڊيي، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


2008.02.18  عيسوي

18 فيبروري 2008ع وارين چونڊن لاءِ شهيد بينظير ڀٽو کيس عورتن جي مخصوص سيٽ لاءِ نامزد ڪيو. جنهن بعد چونڊن ۾ ايم.پي. اي چونڊجي آئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون