چنا محمد منير

چنا، محمد منير: محمد منير چنا سٺو ۽ هوشيار وڪيل هو. محمد منير چنا ولد مولانا دين محمد 15 سيپٽمبر 1922ع تي ڳوٺ فيروز شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. سندس والد ’اديب‘ فيروز شاهي بهترين اديب هو. سندن خاندان مان عالم ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن، جن مان مخدوم احمد، مخدوم محمد ابراهيم، مخدوم اسحاق، مخدوم عبدالمجيد، مخدوم خير محمد ۽ مولانا عطاء الله فيروزشاهيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. منير چني جي نسب جو سلسلو حضرت مخدوم احمد سان ملي ٿو. اهڙي عملي ۽ روحاني خاندان جون صلاحيتون ۽ فضيلتون منير چني کي ورثي ۾ مليون. ننڍي هوندي کان ئي هو هڪ هوشيار ۽ ذهين شاگرد هو. ابتدائي ديني تعليم اباڻي ڳوٺ مان وٺي ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي جا امتحان پاس ڪري وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين. ڀرڳڙي روڊ حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪيائين. حيدرآباد جي محنتي وڪيلن ۾ محنت ۽ قابليت سان پنهنجو نالو ڪڍيائين. جيتوڻيڪ هن قانون جي پيشي کي پنهنجو مستقبل بنايو هو، پر واندڪائيءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جي ڪم کي به جاري رکيائين. سندس ڪتابن مان ’اسلامي اڪابر‘ چڱو معلوماتي ڪتاب آهي جنهن ۾ ڪيترن بزرگن ۽ آزاديءَ جي متوالن جو ذڪر آهي. هن ڪتاب کان سواءِ منير چني جي سنڌي- انگلش ڊڪشنري (1968ع) به شايع ٿي. منير چنو بااخلاق، ملڻو جلڻو ۽ زنده دل انسان هو. غريب پرور ۽ مسڪينن کي ڏک سک ۾ ڪم ايندو هو. وڪالت جي پيشي ۾ غريبن جي هر طرح سان مدد ڪيائين. 45 سالن جي ڄمار ۾ 21 آڪٽوبر 1967ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.09.15  عيسوي

محمد منير چنا ولد مولانا دين محمد 15 سيپٽمبر 1922ع تي ڳوٺ فيروز شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو.


1967.10.21  عيسوي

محمد منير چنا 21 آڪٽوبر 1967ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير نور محمد ٽالپر ڊاڪٽر
روشن جي
شوڀا لالچنداڻي
سليمان خان ٽالپر
توتان خان نوحاڻي بلوچ
پير عبدالرحمان
استاد مجاهد چانڊيو
پير حسين شاهه راشدي
پير کٿوريو
آچر پاڪستاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون