ڌاريجو علي مرتضيٰ

ڌاريجو علي مرتضيٰ

ڌاريجو علي مرتضيٰ

ڌاريجو علي مرتضيٰ: نامياري مترجم، اديب ۽ زولاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي چيئرمئن، ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي 2 سيپٽمبر 1950ع تي لاڙڪاڻي ۾ علي حسن ڌاريجي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ديني مدرسي لاڙڪاڻي مان؛ مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هاير اسڪول مان؛ بي. ايس. سي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان؛ ايم. ايس. سي (زولاجي) 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان پاس ڪيائين. هن اديب فاضل ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون به حاصل ڪيون آهن، جڏهن ته پي. ايڇ. ڊي جي سند 2006ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيائين.
علي مرتضيٰ ڌاريجو 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نئشنل ڊيولپمينٽ والنٽيئر پروگرام تحت استاد مقرر ٿيو، ان کانپوءِ زولاجي شعبي ۾ ميوزيم ڪيوريٽر ۽ بعد ۾ ساڳئي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1976ع ۾ فورٿ انٽرنيشنل ٽريننگ ڪورس ’سليڪٽيڊ ٽاپڪس آف ماڊرن بائلاجي ان اميونو جينيٽڪس‘ لاءِ کيس يارهن مهينن لاءِ سيگيڊ (Szeged) هنگري لاءِ يونيسڪو، يو. اين. ڊي. پي، آءِ. سي. آر. او ۽ هنگئرين اڪئڊمي آف سائنس جي فيلوشپ ملي. 1984ع ۾ جپان سرڪار جي مونبوشو (Monbusho) اسڪالرشپ تي 18 مهينن لاءِ هما ماتسو يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن، جپان ۾ تربيت حاصل ڪيائين. 1986ع کان 1987ع تائين جپاني سائنسدانن سان گڏجي سنڌ يونيورسٽيءَ جي زولاجي شعبي ايئر سائيٽالاجيءَ جي مختلف رخن تي پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ 18 مهينا ’ڪو پرنسپل انويسٽيگيٽر‘ طور خدمتون سرانجام ڏنائين.
ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جي رهنمائيءَ ۾ هڪ شاگرد پي. ايڇ. ڊي ڪري چڪو آهي ۽ ڪيترا شاگرد ايم. فِل ڪري رهيا آهن. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان 2010ع ۾ رٽائر ڪيو.
ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي بيورو آف ٽرانسليشن اينڊ پبليڪيشن جو ڊائريڪٽر؛ ڪنٽرولر آف اگزيمينيشن؛ ڊائريڪٽر انچارج فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن؛ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، ڄامشوري جو سيڪريٽري ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. هن سائنس جي ادب جي واڌاري لاءِ ’سائنس پبليڪيشن‘ لاڙڪاڻي جو بنياد وڌو، جنهن ذريعي مختلف سائنسي ڪتاب ڇپرايائين. ڊاڪٽر ڌاريجو ماحول ۽ صحت جي مختلف موضوعن تي ورڪشاپ ڪرائيندو رهي ٿو. هي سنڌ يونيورسٽي مان شايع ٿيندڙ رسالن ماهوار ’سائنس‘ ۽ ٽماهي ’ماحول‘ جو ايڊيٽر ۽ ان کانسواءِ ٻين ڪيترن سائنسي رسالن جو ايڊيٽر به رهيو آهي. هن سائنسي ۽ طبي موضوعن تي سوين مضمون لکيا آهن. هن 30 کن ريسرچ پيپر ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي شــايـع ٿيا آهن.
سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) ’انوکا گرهه‘ (1982ع)، (2) ’ڪينسر‘
(1982ع)، (3) ’فـرسـٽ ايڊ‘ (1983ع)، (4) ’هيلٿ ٽيڪنيشن ٽريننگ گائيڊ بُوڪ‘
(3 ڀاڱا: 1990ع)، (5) ’جنس جي سائنسي ڄاڻ‘ (1991ع)، (6) ’اسانجون اکيون
(1992ع)، (7) ’ڇـاتـين جـي سائنسي ڄاڻ‘ (1994ع)، (8) ’ڪينسري بيماريون‘
(1995ع)، (9) ’سنڌ هڪ نظر ۾‘، (10) ’سـريـر جـي آتم ڪهاڻي‘ (1996ع)، (11) ’قرآن ۽ سائنس‘ (2006ع)، (12) ’تحفظ ماحول ۽ اســلام‘ (2009ع)، (13) ’سنڌو ماحولي خطو‘، (14) ’ناياب جھنگلي وسيلن کي بچائڻ ۾ فخر محـسـوس ڪرڻ‘ (2009ع)، (15) ’مـوسـمـي تـبديـلــي ڇـا آهـي؟‘ (2010ع)، (16) ’جت ويڄ نه طبيب‘ (2011ع)۽ (17) ’تپندڙ ڌرتي ۽ مٽجندڙ مندون‘ (2011ع) وغيره قابلِ ذڪر آهن.
کيس علمي ادبي خدمتن تي ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليل آهن، جن ۾ نيشنل بوڪ فائونڊيشن، اسلام آباد، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي قنبر، سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، رائيٽرس گلڊ آف پاڪستان، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جا مليل اوارڊ قابلِ ذڪر آهن. ڌاريجو صاحب هن وقت ميرپورخاص جي هڪ تعليمي اداري ۾ پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.09.02  عيسوي

نامياري مترجم، اديب ۽ زولاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي چيئرمئن، ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي 2 سيپٽمبر 1950ع تي لاڙڪاڻي ۾ علي حسن ڌاريجي جي گهر ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امين مگسي
آگرو غلام رباني
طارق اشرف
ناصر بلوچ
زرداري محمد خان
رشيده حجاب
عبدالقدير ڪاڃون
حميد سنڌي
آفتاب ابڙو
عبدالسلام چاچڙ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون