ڏاهري محمد ادريس

ڏاهري محمد ادريس

ڏاهري محمد ادريس

ڏاهري، محمد ادريس: نامور عالم مولانا محمد ادريس ولد حاجي رب رکيو ڏاهري، 17 سيپٽمبر 1949ع تي ڳوٺ مقيم ڏاهري، تعلقي دولتپور، ضلعي نوابشاهه (موجوده بينظيرآباد) ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم سان گڏ فارسيءَ جي تعليم مولانا خان محمد ڏاهريءَ کان ورتي ۽ عربي تعليم علامه محمد تنيي کان ورتي ۽ مدرسه افضل المدارس ڳوٺ مقيم ڏاهري ۾ درس نظاميءَ جو ڪورس مڪمل ڪري سند حاصل ڪيائين ۽ پوءِ اتان حيدرآباد، دُوره حديث مدرسھ رڪن الاسلام ۾ پڙهي، سند حاصل ڪيائين. اتان فارغ ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي استاد جي نگرانيءَ ۾ فارسي ۽ عربي پڙهائيندو رهيو ۽ ان سان گڏوگڏ وعظ ۽ تقرير جو سلسلو به جاري رکيائين.
مولانا محمد ادريس جامع محمديه مدرسي شاهپور جهانيه جو سربراهه آهي. هيءُ بهترين مقرر کان سواءِ تصنيف ۽ تاليف جو صاحب به رهيو آهي. سندن 25 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ تفسير ’احسن البيان‘ قابلِ ذڪر آهي، جنهن جا چار جلد شايع ٿي چڪا آهن. سندس علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو فارسيءَ مان ترجمو ڪيل هڪ ڪتاب ’مدح نامه سنڌ‘ ڇپيل آهي، جنهن جو ٻيو ڇاپو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد (2011ع ۾) ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. مولانا محمد ادريس جي نقشبندي سلسلي ۾ حضرت خواجه الحاج الله بخش نقشبنديءَ جي هٿ تي بيعت ڪيل آهي. هن وقت ديني ڪم ۾ مصروف آهي. سندس ڳوٺ ۾ پنهنجو هڪ عاليشان ڪتبخانو به آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1994.09.17  عيسوي

نامور عالم مولانا محمد ادريس ولد حاجي رب رکيو ڏاهري، 17 سيپٽمبر 1949ع تي ڳوٺ مقيم ڏاهري، تعلقي دولتپور، ضلعي نوابشاهه (موجوده بينظيرآباد) ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پلي مبارڪ اثيم
امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻي
حزب الله ميمڻ شهيد
دلشاد چاوڙو
عبدالله خان ڪلهوڙو فقير
آمنه خميساڻي
عبدالغفار صابري
ڄام دائود
اي آر ناگوري
زرتشت زردشت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون