ڏونگر سي ڏورينديون

ڏونگر سي ڏورينديون

ڏونگر سي ڏورينديون

ڏونگر سي ڏورينديون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري قومپرست رهنماسائين جي.ايم. سندس نياڻي ڊاڪٽر درشهوار سيد جي خطن تي مشتمل آهي، جن کي سيد ضياء شاهه ۽ منير شاهه سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو آهي. ڊاڪٽر درشهوار جا هي سادا، ٺاهه ٺوهه کان آجا، بنهه گھريلو ۽ پنهنجائپ وارا خط پڙهڻ بعد جتي پختي عزم ۽ ارادي واري نياڻيءَ جي مستقل مزاجيءَ جي خبر پوي ٿي، اتي علم جي راهه ۾ رڪاوٽن جي ڄاڻ پڻ ملي ٿي ۽ خط پڙهڻ سان اسان جي ملڪ جي ادارن، استادن ۽ شاگردن جي ابتر حال جي ڀلي ڀت ڄاڻ ملي ٿي. هيءَ خطن جو ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ جيجي ڊاڪٽر درشهوار سيد جا سائين جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل خط ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ سائين جي. ايم. سيد جا ڏانهس لکيل خط شامل ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب جا ٻه اکر سيد ضياء شاهه ۽ مهاڳ محمد ابراهيم جويي لکيو آهي. هيءُ ڪتاب تاريخي حيثيت رکي ٿو، ڊيمي سائيز جي پڪي جلد وارو هيءُ ڪتاب 182 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 100 رپيا آهي، جنهن کي جي. ايم. سيد فائونڊيشن ڪراچيءَ، 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو