ڏينهن

ڏينهن: قدرت جي جوڙيل سرشتي موجب جڏهن سج اڀري ٿو ته روشن ۽ پُرفضا نظارو شروع ٿئي ٿو، جو ڏينهن سڏجي ٿو. سج الهڻ بعد رات، سانت ۽ اوندهه ۽ پوءِ ٻيهر پرهه ڦٽي ٿي ۽ روشني ٿيڻ تي انسان توڙي حيوان سرگرم ٿي وڃن ٿا. اهو سلسلو ازل کان ائين ئي مسلسل هلندو رهي ٿو، پر عام طرح سان وقت جي پئماني لاءِ ڏينهن کي ستن جي ڳڻپ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. يعني هفتي ۾ ست ڏينهن. پر دنيا جي گولي تي اهڙا به هنڌ آهن، جتي ڇهن مهينن جو ڏينهن ته ڇهن مهينن جي رات ٿيندي آهي (اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب)، پر انهن کي به ڪم ڪرڻ جي لحاظ کان ساڳيءَ ريت ستن ڏينهن ۾ ورهايو ويندو آهي. قرآن شريف جي سورت رحمان ۾ آهي: (ترجمو) رب العالمين جو هر ڏينهن نئين شان سان آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام فرمايو ته: ڏينهن ۽ رات خزاني وانگر آهن. اوهان ڏسو ته ان خزاني مان ڇا ٿا ميڙيو، نيڪيون يا بديون؟ هيرا، جواهر، موتي يا ڪوڙا ڪوڏ؟ ضروري آهي ته راتين ۾ اهو ڪجهه ڪريو، جنهن لاءِ رات جوڙي وئي آهي ۽ ڏينهن ۾ پڻ اهو ڪجهه ڪريو، جنهن لاءِ ڏينهن ٺاهيو ويو آهي.
حضرت امام حسن عليه السلام فرمايو ته: دنيا جي ڏينهن مان جيڪو به ڏينهن ايندو آهي ته چوندو آهي: ”اي انسانو! مان نئون ڏينهن آهيان، ان ۾ اوهان جيڪي ڪجهه ڪريو ٿا، مان ان جو شاهد آهيان، سج لهڻ کانپوءِ مان اوهان ڏانهن وري ڪڏهن به نه موٽندس.“
ڏينهن سڀ الله تعاليٰ جا آهن، انهن ۾ ڪو به ڏينهن برو يا منحوس ڪونهي. برڪتون ۽ ڀلايون سڀ الله تعاليٰ جي طرفان هونديون آهن. ڏينهن جي برائي يا منحوسي ته انسان جي عملن تي منحصر آهي ۽ انسان کي چڱائي ۽ برائيءَ جو اختيار ڏنو ويو آهي ته اهو جنهن ڏينهن نيڪ عمل ڪري الله تعاليٰ کي راضي ڪندو ته اهو ڏينهن توهان لاءِ سعد يا ڀاڳ وارو ڏينهن هوندو. جنهن ماڻهو جنهن ڏينهن برا عمل ڪيا، ان لاءِ اهو ڏينهن منحوس ثابت ٿيندو. ان طرح هر ڏينهن ۽ ان جي گذرندڙ هر گھڙي چڱي لاءِ چڱي ۽ بري لاءِ بري ثابت ٿئي ٿي. البت ڪي خاص ڳالهيون جيڪي عام انساني شعور کان مٿي آهن، تن جي ڄاڻ وڏن عالمن ۽ حديث پاڪ جي احوال مان معلوم ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ حضرت علي عليه السلام جي ڪجهه شعرن جو تت هن ريت آهي ته: ڇنڇر جو ڏينهن شڪار لاءِ بهتر آهي، آچر جو ڏينهن گھر اڏڻ لاءِ ڪارائتو آهي؛ ڇو ته انهيءَ ڏينهن الله تعاليٰ آسمانن کي ٺاهيو هو. سومر ڏينهن سفر جي ڪاميابي لاءِ بهتر آهي. اڱارو جماعت (پارٽي/ تنظيم) ٺاهڻ لاءِ چڱو آهي. دوائون اربع جي ڏينهن کائڻ شروع ڪرڻ بهتر آهن. معاملن جي فيصلن نبيرڻ لاءِ خميس جو ڏينهن مبارڪ آهي. مڱڻي ۽ شاديءَ لاءِ جمعي جو ڏينهن بابرڪت آهي. انهن ڳالهين جو ڪلي علم نبيءَ کي هوندو آهي يا ان جي وحي (جنهن کي هو سيکاري) کي هوندو آهي. (شرح مسلم علامه سعيدي ج: 7، ص: 608)
هفتي جا ڏينهن:
جمعو: هن ڏينهن کي انگريزيءَ ۾ Friday چوندا آهن، جنهن جي معنيٰ ’فرگ جو ڏينهن‘ (Day of Frig) آهي. فرگ جرمني جي آڳاٽن رهاڪن جو هڪ ديوتا آهي، جنهن کي رومي ’وينس‘ ۽ هندو ’شڪر‘ ديوتا ڪري سڏين ٿا. هن ڏينهن تي رومي، جرمن، يوناني ۽ هندو ديوين جي پوڄا ڪندا آهن. هندو هن ڏينهن تي سنتوشي ديويءَ جي پوڄا ڪندا آهن. عيسائي هن ڏينهن کي نڀاڳو ڏينهن تصور ڪن ٿا، پر مسلمانن وٽ هي سدورو ڏينهن آهي. جڏهن ته مهاڻن جي روايتن موجب جيڪي سامونڊي سفر ڪن ٿا، اهي هن ڏينهن کي اڀاڳو سمجهن ٿا.
مسلمانن وٽ جمعو سڀني ڏينهن جو سردار ۽ مسلمانن لاءِ عيد جھڙو ڏينهن آهي. حضرت ابو هريره رضه چيو ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: زور ڀلو ڏينهن، جنهن تي سج سهائو ڪيو، جمعي جو ڏينهن آهي. ان ڏينهن حضرت آدم عليه السلام کي پيدا ڪيو ويو. ان ڏينهن کيس جنت ۾ آندو ويو ۽ ان ئي ڏينهن جنت کان هيٺ زمين تي آندو ويو ۽ ان ئي ڏينهن تي سندس توبھ قبول فرمائي وئي. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته جمعي جي ڏينهن ۾ هڪ اهڙي ڳجھي گھڙي رکي وئي آهي، جنهن ۾ ڪابه نيڪ دعا گھري وڃي ته اها يقين سان قبول پوي ٿي. (مسند احمد، سنن ابو دائود). پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته جمعي جي فضيلتن ۽ برڪتن کي هن امت لاءِ مخفي رکيو ويو. شايد ان ڪري جو متان اهي ٻين ڏينهن کي ڇڏي فقط جمعي جي ڏينهن ئي عبادت ڪن، پر هي حقيقت آهي ته جمعي ڏينهن جي فضيلت ٻين ڏينهن کان گهڻي مٿي آهي. ان ڪري ان ڏينهن وڌ کان وڌ عبادت ۽ ٻيا نيڪ عمل ڪجن.
ڇنڇر: هن ڏينهن کي انگريزيءَ ۾ Saturday چوندا آهن، جيڪو اصل لاطيني ٻوليءَ جو لفظ Dies Saturni آهي. هي اصل ۾ زحل گرهه (Saturn) آهي. هندن ۾ مرد توڙي عورتن جو وڏو تعداد ڇنڇر گرهه جي بُري اثر کان بچڻ لاءِ ورت رکي، هن گرهه جي پوڄا ڪندا آهن. عربيءَ ۾ ان کي ’يوم السبت‘ چئجي ٿو. هي ڏينهن يهودين وٽ عبادت جو ڏينهن هو. الله تعاليٰ طرفان مسلمانن لاءِ هن ڏينهن ۾ برڪت رکيل آهي. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته منهنجي امت لاءِ ڇنڇر ۽ خميس جي صبحن ۾ الله سائينءَ جي طرفان برڪت رکي وئي آهي (عجائب المخلوقات ص: 67). حضرت عبدالله بن بسر رضي الله عنه فرمائي ٿو ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ڇنڇر جي ڏينهن روزو نه رکو، سواءِ ان جي جيڪو اوهان تي فرض ڪيو ويو آهي. يعني رمضان کانسواءِ.
آچر: انگريزيءَ ۾ هن کي Sunday يعني سج جو ڏينهن چوندا آهن. عيسائين ۾ هي ڏينهن خاص عبادت جو ڏينهن آهي. جارجين ڪئلينڊر ۾سال جو ڪو به پهريون ڏينهن آچر نه ٿيندو آهي. هندن ۾ هي ڏينهن ’آڏت + وار‘ (آتوار) آهي. هندو هن ڏينهن تي سوريه (سج) ديوتا جي پوڄا ڪندا آهن. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آچر جي ڏينهن تي موڪل هوندي آهي، پر اڪثر مسلمان ملڪن ۾ جمعي جي ڏينهن تي موڪل ڪئي ويندي آهي.
آچر کي عربي ۾ يوم الاحد چيو وڃي ٿو. يعني اڪيلو يا پهريون ڏينهن. دنيا جي تخليق جو هي پهريون ڏينهن آهي. يعني الله تعاليٰ سڀني کان اڳ ۾ آچر ڏينهن خلقيو. هي ڏينهن عيسائين لاءِ عيد ۽ عبادت جو ڏينهن هو. بني اسرائيل تي انعامي طعام ’مائده‘ آچر جي ڏينهن نازل ٿيو. ان ڪري انهن هن ڏينهن کي عيد جو ڏينهن بڻايو.
پوکون پوکڻ، وڻ لڳائڻ ۽ جاين ٺاهڻ جي شروعات آچر ڏينهن کان ڪرڻ سان خير ۽ برڪت ٿئي ٿي (فضائل الايام والشهرو).
سومر: هي آچر ۽ اڱاري جي وچ وارو ڏينهن آهي، جيڪو عيسائين ۽ يهودين وٽ پهريون ڏينهن ڳڻيو وڃي ٿو. هن کي انگريزيءَ ۾ Monday چيو وڃي ٿو، جيڪو Monedaei مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ ’چنڊ جو ڏينهن‘ آهي. هن ڏينهن تي هندو شِو ڀڳوان جي پوڄا ڪندا آهن. روايتن موجب شِو، دراوڙن جو وڏو ديوتا هو، جنهن کي پوءِ آرين به پنهنجو ديوتا مڃيو. هي ڏينهن هندن ۾ شو لاءِ مخصوص آهي. هن کي عربيءَ ۾ ’الاثنين‘ ۽ اردوءَ ۾ ’پير‘ چون. هي ڏينهن گھڻو مبارڪ ۽ متبرڪ آهي ۽ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم کي پسند ۽ گھڻو پيارو آهي. هن ئي سونهاري ڏينهن تي جهانن تي رحمت جي ورکا ڪندڙ، محسنِ انسانيت حضور صلي الله عليه وسلم ڄاوا. هن ئي ڏينهن جون پاڻ ڪريمن سان ڪافي نسبتون آهن. مسند احمد ۾ حضرت ابنِ عباس رضي الله عنه جي روايت آهي ته: ”پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي ولادت سومر ڏينهن ٿي، نبوت جو اعلان سومر ڏينهن ڪيائون، مڪي مان مديني ڏانهن هجرت لاءِ سومر ڏينهن روانا ٿيا. مديني شريف ۾ سومر جي ڏينهن داخل ٿيا. حجرِ اسود سومر جي ڏينهن کنيو ويو ۽ سندن وصال مبارڪ پڻ سومر جي ڏينهن ٿيو. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کان سومر جي روزي رکڻ جو سبب پڇيو ويو. پاڻ فرمايائون ته سومر ڏينهن منهنجي ڄمڻ جو ڏينهن آهي ۽ ان سان مون کي پيار آهي. تنهن ڪري ان ڏينهن تي روزو رکان ٿو ۽ ان ڏينهن تي مون تي (پهرين) وحي نازل ٿي. (مسند احمد). پاڻ فرمايائون ته سومر ۽ خميس جي ڏينهن جنت جا دروازا کوليا وڃن ٿا ۽ سومر تي امت جا اعمال پڻ پيش ڪيا وڃن ٿا.
اڱارو: هن کي انگريزيءَ ۾ Tuesday چوندا آهن. هي به رومن ديوتا آهي، جنهن جي نالي پويان هن ڏينهن جو نالو رکيو ويو آهي. اصل ۾ هي يوناني ديوتا مارس (مريخMars: ) آهي، جنهن جي نالي سان گرهه به آهي. عيسائين، يهودين ۽ ٻين يورپي قومن وٽ هي نڀاڳو ڏينهن تصور ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته سنبت ۾ هي ڏينهن منگل وار ڪري سڏجي ٿو. هن ڏينهن تي هندو ڌرم وارا هنومان جي پوڄا ڪندا آهن.
عربيءَ ۾ اڱاري کي الثلاثاء چئجي ٿو. صحيح مسلم ۾ حضرت ابو هريره رضي الله عنه کان حديث روايت ٿيل آهي ته: الله تعاليٰ مڪروهه شيون اڱاري جي ڏينهن خلقيون. ان ڪري ان کي بيمارين جو ڏينهن سڏيو ويو آهي. حضرت عبدالله بن مسعود رضي الله عنه جي راويت آهي ته الله تعاليٰ بيماريون اڱاري ڏينهن تي خلقيون ۽ ابليس اڱاري تي زمين تي آيو. اڱاري تي جهنم پيدا ڪيو ويو. حضرت عزرائيل عليه اسلام کي روحن ڪڍڻ جي ذميواري اڱاري ڏينهن سونپي وئي. پهريون انسان اڱاري ڏينهن قتل ٿيو يعني قابيل، هابيل کي ڪُٺو. حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ حضرت هارون عليه السلام ٻنهي اڱاري جي ڏينهن رحلت فرمائي. حضرت ايوب عليه اسلام جي آزمائش پڻ اڱاري ڏينهن کان شروع ٿي. (مسند الفردوس- فيش القدير شرح جامع الصغير: علامه منادي ج: 1، ص: 47).
اربع: لفظ اربع عربيءَ کان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’چار‘. هن ڏينهن کي هندو سنڌي ’ٻڌر‘ چوندا آهن. اردوءَ ۾ ’بدهه‘ ۽ انگريزيءَ ۾ ’Wednesday‘ ڪري چوندا آهن، جيڪو Wednesdei مان نڪتل آهي، جيڪو هڪ گرهه ’عطارد‘ جي نالي پويان سڏيو ويو آهي، جيڪو سج کي وڌ کان وڌ ويجهو آهي. يهودين جي روايت موجب هن ڏينهن تي سج ۽ چنڊ خلقيا ويا هئا. هن ڏينهن تي چرچ ۾ عيسائين پاران روزن رکڻ جو وڏو انتظام ڪيو ويندو آهي.
هن ڏينهن کي عربيءَ ۾ پڻ الاربعاء چيو ويندو آهي. يعني هفتي جو چوٿون ڏينهن. هن ڏينهن کي يوم النور يعني روشنيءَ جو ڏينهن پڻ چيو وڃي ٿو. ڪتابن لکڻ ۽ پڙهڻ جي شروعات اربع جي ڏينهن کان ڪرڻ بهتر آهي. ان ڪري جو علم نور آهي ۽ ان جي ا بتدا به روشن ڏينهن کان ڪجي. اربع جي ڏينهن ظهر ۽ عصر جي وچ ۾ جيڪا به دعا گھربي ته قبول ٿيندي (مسند احمد). جزام يا برص (ڪوڙهه جو مرض) اربع جي ڏينهن يا اربع جي رات کانسواءِ نه ٿو لڳي. (ابن ماجه) اربع جي ڏينهن ننهن نه ڪترجن ته بهتر آهي.
خميس: آڳاٽي سنڌيءَ ۾ هن ڏينهن کي وسپت چيو ويندو هو، جيڪو هندو سنڌي اڃا به چون. سنڌيءَ ۾ خميس چون. حضرت ابو هريره رضي الله عنه چيو ته: رسول الله صلي الله عليه و سلم جن هن طرح دعا گھري: ”اي منهنجا رب! منهنجي امت لاءِ خميس جي ڏينهن صبح جي وقت برڪت نازل ڪر.“
(سنن ابن ماجه). هن دعا جي حوالي سان هي ڏينهن مؤمنن لاءِ برڪتن ۽ رحمتن جو ڏينهن آهي. حضرت ڪعب بن مالڪ رضي الله عنه فرمايو ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن غزوه تبوڪ لاءِ خميس ڏينهن نڪتا ۽ پاڻ خميس جي سفر کي پسند فرمائيندا هئا. (بخاري، حوالو: مواعظ حسنه ج: 1). سنسڪرت ۽ هنديءَ ۾ ان کي برهسپت چوندا آهن ۽ اردوءَ ۾ جمعرات سڏيو ويندو آهي.


لفظ ڏينهنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو