ڏيپلائي محمد علي

ڏيپلائي محمد علي

ڏيپلائي محمد علي

ڏيپلائي، محمد علي: نامور اديب ۽ صحافي ۽ دانشور محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو وڏو فرزند محمد علي ڏيپلائي، 21 آڪٽوبر 1940ع تي آبائي ڳوٺ ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. پنجن ورهين جي ڄمار ۾ هڪ ديني مدرسي ۾ ابتدائي قرآني تعليم حاصل ڪيائين. اڳتي هلي مختلف پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. ڪلاس ۾ هميشه پهريون نمبر رهيو ۽ اسڪالرشپون به حاصل ڪيائين. 1958ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد جي شاگرد طور سنڌ يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. آڪٽوبر 1958ع واري مارشل لا دور ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي گرفتاريءَ کانپوءِ سندس سموريون خانداني ۽ ڪاروباري ذميواريون کيس سنڀالڻيون پيون، جنهنڪري سائنس جي تعليم ڇڏي، آرٽس ۾ تعليم جاري رکيائين. 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي آنرز (اقتصاديات) فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ پاس ڪيائين. شروعات ۾ ڪجهه عرصو يونائيٽيڊ بئنڪ (آفيسر گريڊ II) ۽ ايسٽرن فيڊرل انشورنس ڪمپنيءَ ۾ (ايگزيڪيوٽوِ آفيسر) طور ملازمت ڪيائين. 1966ع ۾ مرڪزي اعليٰ ملازمتن وارو امتحان (سي. سي. ايس) پاس ڪري مختلف اهم سرڪاري عهدن تي فائز رهيو، جن ۾ ڊپٽي سيڪريٽري وزارت تجارت، ڪنٽرولر آف امپورٽس اينڊ ايڪسپورٽس، ڊائريڪٽر ايڪسپورٽ پروموشن بيورو، جنرل مئنيجر ڪاٽن ايڪسپورٽ ڪارپوريشن، ڊائريڪٽر فنانس سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان، ڊائريڪٽر پاڪستان انشورنس ڪارپوريشن ۽ چيئرمئن بلوچستان ڊيولپمينٽ اٿارٽي رهيو. پرڏيهي تقررين دوران ايران ۽ ڊينمارڪ (ناروي، سويڊن ۽ فن لئنڊ سميت) ۾ پاڪستان جي سفارتخانن ۾ ڪمرشل ڪائونسلر شامل آهن. آڪٽوبر 2000ع ۾ ڊائريڪٽر جنرل پورٽ قاسم اٿارٽيءَ جي عهدي تان رٽائر ٿيو. ادبي، سماجي ۽ سياسي ادارن سان هميشه سندس گهرو سنٻڌ رهيو، جن ۾ سنڌي ادبي سنگت، پاڪستان رائيٽرز گلڊ ۽ انجمن مديران جرائد سنڌ جو ميمبر رهيو. وزيراعظم پاڪستان طرفان آگسٽ 2012ع ۾ ڪوٺايل تعليمي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي نمائندي طور شرڪت ڪيائين. ننڍيءَ عمر کان وٺي پنهنجي والد جي همت افزائيءَ سان صحافت ۽ ادب ۾ گهري دلچسپي ورتائين. 1959ع ۾ هفتيوار ’انسان‘ جي معاون ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. 1960ع ۾ ٻارن لاءِ هڪ ڪتاب ’چمڪن ٽمڪن تارڙا‘ ترتيب ڏئي شايع ڪرايائين. ساڳئي دؤر ۾ ڪرشن چندر جي اردو ناول ’اُلٽا درخت‘ ۽ ڪارلو ڪولوڊيءَ جي انگريزي ناول ’پنوڪيو‘ جا ترجما ڪيائين. سندس علمي ۽ ادبي ڪالم ’جيڪي مون پڙهيو‘ عنوان سان روزنامه ’عبرت‘ ۾ ڪافي عرصو شايع ٿيندا رهيا. انگريزي اخبار ’ڊان‘ ۾ مختلف اقتصادي، ثقافتي ۽ سماجي معاملن تي سندس خط پڻ ڇپبا رهيا آهن. سندس رجحان تحقيق ڏانهن مائل رهيو آهي. سندس تحقيقي مضمونن ۾ ’صدر ايوب جي ٺاهيل تعليمي ڪميشن جي تجويزن تي سنڌي قوم جو رد عمل‘، ون يونٽ خلاف محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو سرجيل ادب ۽ ٻيا شامل آهن. سندس اڪثر تحقيقي مضمونن ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي علمي ادبي پورهئي ۽ ان دؤر جو سماجي ۽ علمي پسمنظر شامل آهي. کيس سنڌي، اردو، انگريزيءَ کان سواءِ عربي، فارسي ۽ ڊينش ٻولين جي چڱي ڄاڻ آهي. سندس شادي 1961ع ۾ ٿي. سندس رفيقه حيات جي وفات 2006ع ۾ ٿي. کيس ٽن نياڻين جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.10.09  عيسوي

نامور اديب ۽ صحافي ۽ دانشور محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو وڏو فرزند محمد علي ڏيپلائي، 21 آڪٽوبر 1940ع تي آبائي ڳوٺ ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صبا دشتياري
دين محمد ڪلهوڙو
زيب ڀٽي
عالم سجاولي پير
سليم سولنگي
ولي رام ولڀ
وينا شرنگي
عزيز حامد مدني
قاضي خادم حسين
قريشي حامد علي خانائي ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون