آبِحيات2

آبِحيات2 (ڪتاب ):سنڌي ڪهاڻين جو ڪتاب جيڪو مشهور اديب ۽ ڪهاڻيڪار غلام رباني آگري جي ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هي ڪچي جلد سان ڪرائون سائيز جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ 180 صفحا آهن ۽ قيمت 2 روپيا 8 آنا ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، سنڌ پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ”زندگي پبليڪيشن“، 1960ع ۾ شايع ڪيو.1980ع واري ڏهاڪي ۾ اهو ساڳيو ڪتاب ”افسانا“ جي نالي سان سنڌ يونيورسٽي پريس مان به ڇپيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو