آس اخبار

آس اخبار

آس

آس (اخبار ):سنڌي روزاني اخبارآس‘ 18 آگسٽ 2006ع کان حيدرآباد مان نڪرڻ شروع ٿي. هن اخبار جو باني عبدالمجيد راجپوت عرف ’امر ڀٽي‘ آهي. هن اخبار جو پهريون چيف ايڊيٽر محمد ياسر مجيد، ايڊيٽر ايم. اي لغاري، نيوز ايڊيٽر نظير لغاري ۽ ايڊيٽوريل انچارج قربان شيخ هو. هن وقت ان اخبار جو چيف ايڊيٽر صابر فياض آهي، جيڪو اڳ ۾ ”خبرون“ اخبار جو ايڊيٽر هو. چئن رنگن ۽ چئن صفحن تي ڇپجندڙ هيءَ اخبار گاڏي کاتي، حيدرآباد مان ڇپجي پڌري ٿئي ٿي ۽ هن اخبار جا مختلف موقعن تي خاص ايڊيشن به نڪرندا رهندا آهن.


لفظ آسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو