آغا سراج خان دراني

آغا سراج خان دراني

آغا سراج خان دراني

آغا سراج خان دراني: سراج خان دراني'>آغا سراج خان دراني سنڌ جي ڄاتل سڃاتل سياسي گهراڻي جو فرد آهي. هن آغا صدر الدين درانيءَ جي گهر ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ 1955ع ۾ جنم ورتو. هن سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچي مان 1971ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. 1975ع ۾ بي ڪام ۽ 1977ع ۾ ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي مان ايل ايل بي پاس ڪئي. آمريڪا جي ٽيڪساس يونيورسٽيءَ ۾ هڪ سال ايم بي اي پڙهيو، پر بعد ۾ ٽيڪساس يونيورسٽيءَ ۾ PPP جو آرگنائيزر رهيو. PPP جي پليٽ فارم تان 1988ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1990ع ۾ ڄام صادق جي دور ۾ جيل ۾ رهيو. جيل دوران هو صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ PPP جي حڪومت ۾ ٽائون پلاننگ جو وزير مقرر ٿيو. 1993ع ۾ تعليم کاتي جو صوبائي وزير ٿيو. 2002ع جي عام چونڊن ۾ شڪست کاڌائين، پر 2008ع ۾ PPP جي پليٽ فارم تان صوبائي چونڊن ۾ کَٽيو ۽ حڪومت سنڌ ۾ بلديات جو صوبائي وزير رهيو. آغا سراج صاحب شھيد بينظير ڀٽو توڙي آصف زرداريءَ جو سيڪيورٽي انچارج ۽ 11 سالن جي طويل عرصي (مئي 2013ع کان فيبروري 2024ع) تائين سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر رهيو. جڏهن ته مارچ 2022ع کان آڪٽوبر 2022ع تائين سنڌ جو وقتي گورنر پڻ رهيو. فيبروري 2024ع جي عام چونڊن ۾ (پي. ايسشڪارپور III) جي تڪ تان ڪاميابي ماڻي هڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ اسيمبليءَ جو رڪن چونڊيو ويو.


لفظ آغا سراج خان درانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو