آفتاب شعبان ميراڻي

آفتاب شعبان ميراڻي

آفتاب شعبان ميراڻي

آفتاب شعبان ميراڻي: پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سان لاڳاپيل سنڌي سياستدان، پاڪستان جو اڳوڻو وزير دفاع ۽ سنڌ جو اڳوڻو وزيراعليٰ، شڪارپور ۾ سال 1940ع ۾ ڄائو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا مان زراعت ۾ تربيتي ڪورس ڪيائين. سياست کيس ورثي ۾ ملي. سندس والد غلام قادر شعبان 1937ع ۾ مرڪزي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو. انهيءَ وقت سنڌ کي ٽي سيٽون مليون هيون، ۽ سڄي هندستان ۾ 157 اسيملي ميمبر هئا. آفتاب شعبان جي امڙ بيگم شرف النساءِ شعبان، تحريڪ پاڪستان جي سرگرم ڪارڪن ۽ مسلم ليگ سنڌ جي عورتن واريءَ شاخ جي جنرل سيڪريٽري رهي آهي. هوءَ سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين چونڊيل مسلمان عورت ميمبر هئي. کيس سماجي خدمتن جي مڃتا ۾ وائسراءِ هند طرفان ’قيصر هند‘ جو خطاب به مليو. هُوءَ سنڌ جي واحد خاتون هئي، جنهن کي اهو اعزاز مليو هو ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي حڪم تي ٻين سان گڏ هن به اهو اوارڊ هندستان گورنمينٽ کي موٽائي ڏنو هو. آفتاب شعبان جو هڪ مامو علي بخش محمد حسين، 1920ع ۾ انڊيا ڪائونسل آف اسٽيٽ جو چونڊيل ميمبر هو. سندس ٻيو مامو نبي بخش محمد حسين، 13 سال مسلسل بهاولپور رياست جو وزيراعظم رهيو، جڏهن ته سندس ٽيون مامو عبدالقادر محمد حسين پڻ ڪيتروئي عرصو جهوناڳڙهه رياست جو وزيراعظم رهيو. سنڌ جو محب وطن ۽ مجاهد سياستدان ۽ سنڌ جو ٻيو وڏو وزير شهيد الهه بخش سومرو، آفتاب شعبان جو سهرو هو. آفتاب شعبان ميراڻيءَ تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ بلدياتي چونڊ ذريعي سياست ۾ قدم رکيو. پهرين شڪارپور ميونسپل ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ٿيو. پوءِ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ اڄ تائين انهيءَ پارٽيءَ سان لاڳاپيل آهي. پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان 8 دفعا ميمبر چونڊيو ويو. ٻه دفعا (1977 ۽ 1988ع) ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو، جنهن ۾ هڪ دفعو سنڌ جو سينئر وزير ۽ ٻيو دفعو سنڌ جو وڏو وزير ٿيو. 1990ع، 1993ع ۽ 1997ع ۾ شڪارپور مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1993ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ سينئر وزير ۽ دفاع جو وزير ٿيو ۽ اڍائي سال انهيءَ عهدي تي رهيو. 1998ع ۾ صدر فاروق احمد خان لغاريءَ جي استعيفا کان پوءِ آفتاب شعبان پيپلزپارٽيءَ طرفان مسلم ليگ جي صدارتي اميدوار رفيق احمد تارڙ جي سامهون صدر جي عهدي لاءِ بيٺو، پر ان ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. 2013ع وارين عام چونڊن ۾ پڻ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي، شڪارپور مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ساڳي طرح 2018ع ۾ به قنبر-شھدادڪوٽ مان قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو.


لفظ آفتاب شعبان ميراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو