آڪسيجن

آڪسيجن

آڪسيجن

آڪسيجن: آڪسيجن هڪ گئس آهي، جنهن جو رنگ نه ٿيندو آهي ۽ نه ئي ڪا بوءِ ۽ ذائقو اٿس. هيءَ گئس هوا کان ڳري آهي ۽ پاڻيءَ کان هلڪي ۽ حل ٿيندڙ آهي. آڪسيجن، جاندارن جي جياپي لاءِ تمام ضروري آهي. اسان جي ساهه کڻڻ مهل آڪسيجن ڦڦڙن ۾ ويندي آهي. هيءَ گئس ڏينهن جو وڻن مان خارج ٿيندي آهي. آڪسيجن ۽ هائڊروجن گئسن جي ميلاپ (compound) سان پاڻي ٺهي ٿو، جنهن جو ڪيميائي فارمولو (H2O) آهي. ماحول ۾ آڪسيجن گئس جو مقدار 21 سيڪڙو آهي.


لفظ آڪسيجنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو