ائٽڪن اِي ايڇ

ائٽڪن اِي ايڇ

ائٽڪن اِي ايڇ

ائٽڪن، اِي. ايڇ (Edward Hamilton Aitken ):سنڌ جي گزيٽيئر جو مرتب اي. ايڇ ائٽڪن، 16 آگسٽ 1851ع تي ساتر، ڀارت ۾ پيدا ٿيو. بنيادي تعليم ڀارت ۾ پنهنجي والد کان ورتائين. بي. اي ۽ ايم. اي بمبئي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. هندي ۽ انگريزيءَ کان سواءِ لاطيني ۽ يوناني ٻوليون به سٺي نموني ڄاڻندو هو. 1876ع ۾ گورنمينٽ آف ممبئيءَ جي Customs and Salts Department ۾ نوڪريءَ جي شروعات ڪيائين ۽ مختلف شهرن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. مئي 1903ع ۾ کيس ڪراچيءَ بدلي ڪري ڪسٽم ۽ سالٽ کاتي جو چيف ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو. جيتوڻيڪ سنڌ جو پهريون مڪمل گزيٽيئر اي. ڊبليو هگس 1876ع ۾ مرتب ڪيو هو، پر ان ۾ ڪيترين شين جي کوٽ جي ڪري هڪ مڪمل گزيٽيئر جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. خاص طور تي ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر سر ايوان جيمس ان مسئلي ۾ تمام گهڻي دلچسپي ورتي. نيٺ بنجمين ايڊمن برنيڊن کي 15 نومبر 1904ع تي سنڌ جي ضلعن جي گزيٽيئر ترتيب ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. مسٽر بينجمن ٿوري وقت ۾ ڪجهه مواد به گڏ ڪري ورتو. خيال هو ته هو هر ضلعي جو گزيٽيئر ٻن ٻن جلدن ۾ تيار ڪندو. حيدرآباد بابت مواد گڏ ڪندي مسٽر بينجمن برنيڊ جي طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن ڪري هو موڪل تي لنڊن روانو ٿي ويو ۽ سڄي ڪم جي چارج مسٽر اي. ايڇ ائٽڪن کي ڏني وئي.
مسٽر ائٽڪن اڳ گڏ ٿيل مواد کي ٻيهر ترتيب ڏني، ورجاءَ وارو مواد مسودي مان ڪڍيو ويو. 1907ع ۾ نئين ترتيب ۽ مواد سان گزيٽيئر شايع ٿيو، جنهن جي جلد- A کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ۽ جلد- B کي ڪيترن حصن ۾ آڻي ضلعي گزيٽيئر جي. ڊبليو سمٿ (J.W.Smith) ترتيب ڏنو. گزيٽيئر جي پهرئين حصي ۾ صوبائي معلومات جو مواد رکيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي آرڪيالاجي، زدامت (اينيڪئٽي) جاگرافي ۽ تاريخ جو مواد شامل هو، جڏهن ته ضلعي مواد واري حصي ۾ واپار، انڊسٽري، تعليم، صحت، روينيو، عام تعلقات، قبيلا، قومون ۽ تاريخي جايون شامل ڪيون ويون. جلد- B جي ضلعن جي لحاظ کان ترتيب هيٺينءَ ريت رکي وئي:
(1)V.B - 1 Karachi District (1920)
(2) B – 2 Hyderabad District (1920)
(3) B – 3 Sukkur District (1919)
(4) B – 4 Larkana Distrcit (1919)
(5) B – 5 Nawabshah District (1920)
(6) B – 6 Thar and Parkar District (1919)
(7) B – 7 Upper Sindh Frontier District (1919)
ضلعي گزيٽيئرن مان جتي ان دور جي تعليم، صحت، تجارت، زراعت ۽ لوڪل گورنمينٽ وغيره جي خبر پوي ٿي، اتي مشهور ماڻهن ۽ مشهور ماڳن جي معلومات به ملي ٿي. مسٽر ائٽڪن جيتوڻيڪ گزيٽيئر تي ڪم نه ڪيو هو، پر بعد ۾ اهڙي ذميواري ملڻ تي هن ڪافي محنت ڪئي ۽ مواد جي سهيڙ جي خوبين ۽ خامين جي ذميواري پاڻ تي کنئي. اهو ئي سبب آهي ته سڄي هندستان ۾ شايع ٿيل گزيٽيئرن ۾ ائٽڪن جي گزيٽيئر کي وڏي اهميت حاصل آهي. آگسٽ 1906ع ۾اي. ايڇ ائٽڪن نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو ۽ ’Eho‘ جي نالي سان هندستان جي نيچرل هسٽريءَ بابت لکندو رهيو. 1907ع ۾ هندستان کي الوداع ڪري برطانيه روانو ٿي ويو، جتي ايڊن برگ ۾ 1909ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن مان هيٺيان اهم آهن:
The Tribes an any Frontier
An Indian Matura list’s Foreign Pding (1883)
Behind the Bungalow (1894)
The Naturalist on the Prowl (1894)
The Common Birds of Bombay (1900)


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

16.08.1851  عيسوي

ايڇ ائٽڪن ، 16 آگسٽ 1851ع تي ساتر ، ڀارت ۾ پيدا ٿيو .


00.00.1909  عيسوي

اي . ايڇ ائٽڪن ايڊن برگ ۾ 1909ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صورت سنڌي
طاهره واسطي
رکيو لنڊ
درس للو
پير شهاب الدين لڪياري
ڏاتو کهاوڙ
محمد عباس سومرو
جَون ايليا
ڄام پراگمل- I
سنت ماڌو داس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون