ابراهيم حيدري

ابراهيم حيدري

ابراهيم حيدري

ابراهيم حيدري: ڪراچي شهر جو هڪ قديم بندر، جيڪو ڪلفٽن جي بلڪل ڏکڻ طرف ملاحن جو هڪ ڳوٺ آهي. هيءُ ڳوٺ ٻيڙين ۽ لانچن لاءِ ننڍي بندرگاهه طور ڪم ايندو آهي. هتي مڇيءَ کي دَٻن ۾ بند ڪرڻ جو ڪارخانو آهي. ان کان سواءِ ڪڪڙين جو کاڌو، ننڍين مڇين مان تيار ڪيل (feed) به بنايو ويندو آهي. ابراهيم حيدري سنڌو درياهه جي ڊيلٽا جي انتهائي اوڀر واري ڇاڙهه ڦِٽي ڪريڪ جي آخري ڇيڙي تي آهي. ڦِٽي ڪريڪ تي پورٽ قاسم آهي ۽ ڀنڀور جا قديم آثار به آهن. ابراهيم حيدريءَ تي ئي مشهور ’واڳون ڏر‘ آهي، جنهن جي مٿان ٽڪريءَ تي واڳون جي قبر به ٺهيل آهي، جنهن مان گمان ٿئي ٿو ته ڪڏهن هتي ’واڳون پوڄا‘ به ٿي هجي، ابراهيم حيدري پاڪستان جو هڪ وڏو مڇي بندر آهي، جنهن تي هر وقت سَوَن جي تعداد ۾ هوڙها ۽ ٻيڙا بيٺل نظر اچن ٿا. هتي نه رڳو شڪار ٿيل مڇيءَ جو واپار ٿئي ٿو، پر هتي هوڙها ٺاهڻ جي صنعت به زنده آهي.


wikipedia
http://en.wikipedia.org/wiki/Ibrahim_Hyderi


لفظ ابراهيم حيدريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو