ابراهيم منشي

ابراهيم منشي

ابراهيم منشي

ابراهيم مُنشي: سنڌ جو ناميارو عوامي شاعر ابراهيم منشي، 15 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جنهاڻ سومري، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان (اڳوڻي ضلعي حيدرآباد) ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو محمد اسحاق سومرو هو، جيڪو ڪڙمت ڪندو هو. غربت جي حالت ۾ به هن پنھنجي پٽ (ابراهيم منشيءَ) کي ملان مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو. اڃا چوٿون درجو سنڌي مس پڙهيو ته مارچ 1945ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. گهر جي اٺن نون ڀاتين جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو، ان ڪري ابراهيم منشيءَ پنج درجا سنڌي پاس ڪري محنت مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي. هن ڏکين حالتن کان متاثر ٿي، 1949ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. ابراهيم منشيءَ جو پيءُ پڻ شاعر هو ۽ مولود به چوندو هو، مٿس ان جو به ڪافي اثر هو. ابراهيم منشيءَ شروع ۾ رومانوي شاعري ڪئي ۽ ڪافيون چيون. شاعريءَ وسيلي هيٺئين طبقي جي نمائندگي ڪرڻ لڳو. هو پنھنجي شاعري ترنم سان پڙهندو هو. 1960ع ڌاري شيخ اياز جي انقلابي شاعريءَ کان متاثر ٿيو. 66- 1965ع ۾ ماهوار ’روح رهاڻ‘ ۾ سندس شاعري ڇپي. سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”پيغام مظلوم“ (1970ع) ۾ ڇپيو، ٻيو مجموعو ’وڳهه جا وريام‘ (1971ع) ۾ ڇپيو. 1985ع ۾ پريم نگر پبليڪيشن پاران سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ’گوندر ويندا گذري‘ ڇپيو، جنھن جو پيش لفظ محمد ابراهيم جويي لکيو. 1991ع ۾ سندس چوٿون مجموعو ’ڌرتي دين ڌرم‘ شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جو پنجون مجموعو ’ڌؤنري ڏينھن ڌاڙا‘ (1995ع) ڇپيو. ڇهون مجموعو ”اکر اکر کي اک“ روشني پبلڪيشن پاران 2006ع ۽ ستون مجموعو ”ڇپر ڇمر ڇانورو“ ڇپجي چڪا آهن. هن عوامي ۽ انقلابي شاعر 31 جولاءِ 2003ع تي وفات ڪئي. سندس فن ۽ فڪر تي ڊاڪٽر قربان چني وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان، ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري جي نگرانيءَ ۾ تحقيقي مقالو لکي پي ايڇ. ڊي ڪئي آهي.


لفظ ابراهيم منشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.01.15  عيسوي

سنڌ جو ناميارو عوامي شاعر منشي محمد ابراهيم سومرو ، 15 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جنهاڻ سومري ، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ( اڳوڻي ضلعي حيدرآباد ) ۾ ڄائو .


2003.07.31  عيسوي

عوامي ۽ انقلابي شاعر ابراهيم مُنشي 31 جولاءِ 2003ع تي هي جهان ڇڏي ويو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير عبدالرسول مير ٽالپر
تنوير شاهه محمد زئي
سيد غلام محمد شاهه گدا
سوڀو فقير لغاري
حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي
رضوي سيد زوار حسين شاهه
الهه رکيو سانگي
دلپت صوفي
امرتا پريتم
زين العابدين ٺٽوي سيد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون