ابليس

اِبليسُ: شيطان جو نالو، جيڪو اول عبادت ڪري ملائڪن جي مقرب درجي کي پهتو، پر پوءِ حضرت آدم کي تعظيمي سجدو نه ڪرڻ ڪري لعنتي ٿي، بهشت مان تڙجي نڪتو.
ابليس‘ جي لفظي معني‘ آهي بي خبري، حق جي رحمت کان مايوسي ۽ غمگيني. قرآن شريف ۾ ابليس انهيءَ کي چيو ويو آهي، جنهن الله جي حڪم جي انحرافي ڪئي ۽ قيامت تائين انسانن کي ڀُلائڻ جي مهلت ورتي. ابليس کي دنيا ۾ شر ۽ فتني فساد جو سرچشمو سمجهيو ويندو آهي.


لفظ ابليسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو