ابن الجوزي

ابن الجوزي: ابن الجوزي جو پورو نالو عبدالرحمان الجوزي هو. غالباً 510هه (1116ع) ڌاري سندس ولادت ٿي. پاڻ مشهور حنبلي طريقي جو محدث ۽ تاريخدان ٿي گذريو آهي. حياتيءَ جو وڏو حصو تصنيف ۽ تاليف سان گڏ وعظ ۽ نصيحت ۾ مشغول رهيو. ”المنتظم“ نالي سان ڪيترن ئي جلدن تي ڦهليل عربي زبان ۾ ”تاريخ“ به قلمبند ڪيائين، جيڪا 574هه (1178ع) ڌاري راس ڪيائين. هن ڪتاب ۾ سياسي تاريخ سان گڏ، ان دور جي نامور عالمن، اديبن، شاعرن ۽ اڪابرن جا تفصيلي احوال پڻ محفوظ ڪيا اٿس. ان کانسواءِ امير المومنين حضرت عمر بن خطابرضه (583-646ع) ۽ حضرت عمر بن عبدالعزيزرح (681-720ع) جي مناقبن کي پڻ تصديق سان جمع ڪيائين. ”المنتظم“ جا ڪجهه حصا حيدرآباد دکن (هندستان) ۾ ڇپيا به آهن.


لفظ ابن الجوزيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو