ابن رشد

ابن رشد: اندلس جو هي مشهور معروف عالم، فاضل، فلسفي، فقہ ۽ حاذق حڪيم ابوالوليد محمد بن احمد بن محمد المعروف ”ابن رشد“ 9 صفر المظفر 560 هه (1164ع) تي قرطبه ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان وڏيءَ پهچ وارو ۽ علم دوست هو. اهڙي سلجهيل ماحول ۾ ابن رشد، ابتدائي سکيا سان گڏ فقه ۽ طب ۾ پڻ خاصي مهارت حاصل ڪئي. وڌيڪ سمجهه ڀريو ٿيڻ سان مشهور فلسفي ۽ طبيب ابن طفيل (1101- 1158ع) جي مشوري موجب مراڪش ويو، جتي سرڪاري اعزازن سان سرشار ٿيو ۽ سندس ئي صلاحن سان ارسطو (384- 322 ق.م) جي مشهور ڪتابن جون شرحون لکڻ لڳو.
ابن رشد، ڪجهه وقت لاءِ آشبيله ۽ قرطبه ۾ ”قاضي“ به ٿي رهيو. مراڪش جي سلطان ابن يوسف کيس 578 هه/ 1182ع ۾ شاهي خاندان جو طبيب مقرر ڪيو. ستت ئي سندس صلاحيتن جي واکاڻ وڌي، جنهنڪري قرطبه ۾ ”قاضي القضات“ جي ڪرسي سنڀاليائين. پاڻ هڪ وڏو داناءُ ۽ بردبار شخص هو، جنهنڪري ارسطو (Aristole) جي علمي، ادبي ۽ فلسفيانه نظرين جي شرحن لکڻ کان علاوه ”افلاطون“ (427 ق. م/ 347 ق. م) جي جڳ مشهور ڪتاب ”جمهوريت“ جي شرح به قلمبند ڪيائين. ان کانسواءِ امام غزاليرح (1058-1111ع) جي جواب ۾ ”تهافته التهافته“ نالي ڪتاب به لکيائين. اهڙيءَ طرح فقه جي سلسلي ۾ ”ندايته المجتهد“، طب ۾ ”الڪليات“ ۽ مذهب ۽ فلسفي جي موافقت ۾ وري ”فصل المبقال“ ۽ ”ڪشف المناهج“ نالن سان ڪتاب به لکيائين، جيڪي سندس غير فاني شاهڪار ڪتاب چيا وڃن ٿا. سندس اها دعويٰ هئي ته ”حقيقت ۾ مذهب فلسفي حقيقتن جو چِٽو اظهار آهي، جنهن جي مخالفت مسلمان عالمن توڙي عيسائي پادرين وڏي زور شور سان ڪئي آهي.“ پاڻ عقليت پسند وحدت الوجودي هو ۽ اجتماعي عقل کي اخلاق جو معيار قرار ڏئي ٿو.
هڪ اندازي مطابق ابن رشد چاليهه ڪتاب قلمبند ڪيا. 1198ع ۾ جيل مان آزاد ٿي ٻيهر تصنيف ۽ تاليف کي پنهنجو مشغلو بڻايائين. سلطان منصور سندس جوڳو قدر ڪندي کيس وڏي عزت وارو مرتبو ڏنو. آخر ٿورن ڏينهن بعد 595 هه/ 1198ع ۾ وفات ڪيائين. سندس لکيل ڪتاب جيتوڻيڪ اڄ ڏسڻ لاءِ به موجود نه آهن، صرف دنيا جي مختلف زبانن ۾ انهن جا ترجما، سندس ياد تازي ڪندا رهن ٿا. ان ۾ ڪو به مبالغو نه آهي، ته علم جي اعتبار کان، مشهور فلسفي ارسطو کان پوءِ ابن رشد کي اهميت حاصل آهي.


لفظ ابن رشدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو