ابن صفي

ابن صفي

ابن صفي

ابن صفي: اردو ٻوليءَ ۾ جاسوسي ناولن جون سيريز لکندڙ ناليواري ليکڪ جنهن جو اصل نالو اسرار احمد هو. هو سن 1928ع ۾ الهه آباد هندستان ۾ ڄائو. هن آگرا يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪئي. 1947ع ۾ پاڪستان لڏي آيو. سندس ناولن جون ٻه سيريز ’عمران سيريز‘ ۽ ’جاسوسي دنيا‘ (ڪرنل فريدي ۽ ڪيپٽن حميد جي ڪردارن سان ) سموري ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ پڙهندڙن جو وڏو حلقو پيدا ڪيو. هن ’جاسوسي دنيا‘ جا ’125 ۽ ’عمران سيريز‘ جا 120 ڪتاب لکيا ۽ هر هڪ ڪتاب هزارن جي تعداد ۾ ڇپجڻ باوجود بليڪ تي وڪبو هو ۽ ماڻهو سندس نئين ڪتاب جو بيچينيءَ سان انتظار ڪندا هئا. هنن جاسوسي ناولن ۾ مهم جوئيءَ، تجسس، رومانس توڙي مارا ماريءَ کان سواءِ طنز ۽ مزاح جو زبردست عنصر هوندو هو. اهو ئي سبب هو، جو نوجوان طبقو انهن ناولن کي ڏاڍي چاهه سان پڙهندو هو. سندس لکيل، ”عمران سيريز“ تي مبني هڪ فلم ’ڌماڪا‘ جي نالي سان مولانا هپيءَ (محمد حسين ٽالپر) ٺاهي هئي جنهن ۾ مشهور اداڪار جاويد شِخ (جيڪو پڻ پراڻي ڪراچيءَ جو رهواسي هئڻ ڪري سنڌي آهي)، پهريون ڀيرو هڪ ڪردار ادا ڪيو ۽ خود مولانا هپيءَ به ان فلم ۾ اداڪاري ڪئي. ان فلم ۾ ابن صفيءَ جو لکيل غزل ’راهه طلب ۾ ڪون ڪسي ڪا‘ حبيب ولي محمد ڳايو هو، جيڪو گهڻو مشهور ٿيو. . ابن صفيءَ 1980ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.00.00  عيسوي

ابن صفي: اردو ٻوليءَ ۾ جاسوسي ناولن جون سيريز لکندڙ ناليواري ليکڪ جنهن جو اصل نالو اسرار احمد هو . هو سن 1928ع ۾ الهه آباد هندستان ۾ ڄائو .


1980.00.00  عيسوي

ابن صفيءَ 1980ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بختاور ڀٽو زرداري
جيسينه جئه سينه
اين جي مجمدار
ابڙو علامه علي خان
بيبي رابعه بصري
آسر داس صوفي
سيد محمد تقي بخاري
حاجي نجم الدين سريوال
قاضي علي رضا
قاضي انور احمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون