ابنِ انشا

ابنِ انشا: اردو زبان جو مزاح نگار، شاعر، صحافي ۽ مترجم ابنِ انشا، 1927ع ڌاري ڦُلا، ضلعي جالنڌر (ڀارت) ۾ ڄائو. سندس اصلي نالو شيرمحمد خان هو، جڏهن ته مختلف قلمي نالن؛ جهڙوڪ: درويش، نانا فرنويس ۽ حاجي بابا جي نالن سان پڻ سڃاتو ويندو هو. مئٽرڪ 1942ع ۾ لڌيانا مان ڪيائين، جڏهن ته 1946ع ۾ بي. اي پنجاب يونيورسٽيءَ مان، ايم. اي (اردو) 1962ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. قيام پاڪستان کان اڳ امپيريل ڪائونسل آف ايگريڪلچرل ريسرچ دهليءَ جي هڪ رسالي، ’انڊين فارمنگ‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر رهيو. جنهن کان پوءِ آل انڊيا ريڊيو دهليءَ سان منسلڪ ٿيو. ورهاڱي وقت لڏي پاڪستان آيو ۽ لاهور اچي رهيو. ريڊيو پاڪستان لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ گهڻي وقت تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. 1950ع کان 1956ع تائين دستور ساز اسيمبليءَ ۾ سينئر مترجم مقرر ٿي ڪم ڪيائين. جنهن کان پوءِ 1961ع تائين ’پاڪ سرزمين‘ رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر رهيو. 1960ع کان روزنامه ”امروز“ ڪراچيءَ ۾ ڪالم لکيائين، جيڪي ”حاجي بابا اصفهاني“ جي نالي ۾ ڇپيا، 1965ع ۾ روزنامه ”انجام“ ڪراچي ۽ 1966ع ۾ روزنامه ”جنگ“ ڪراچيءَ ۾ ڪالم لکڻ لڳو، سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”ساحل پر“ آهي. 1961ع کان وٺي، پنهنجي وفات تائين نئشنل بوڪ ڪائونسل جو ڊائريڪٽر رهيو. پاڻ پاڪستان رائٽرز گلڊ ۽ يونيسڪو ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنائين. سندس شاعريءَ جا پنج مجموعا، چار سفرناما ۽ لاتعداد ڪالم ڇپيل آهن. شاهه لطيف جي ڪن بيتن جو اردو ترجمو پڻ ڪيو اٿس. هن جا شعر ۽ نثر ۾ ڪافي ڪتاب لکيل آهن، آهن 11 جنوري 1978ع تي لنڊن ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.00.00  عيسوي

ابنِ انشا: اردو زبان جومزاح نگار ، شاعر ، صحافي ۽ مترجم ابنِ انشا ، 1927ع ڌاري ڦُلا ، ضلعي جالنڌر ( ڀارت ) ۾ ڄائو . سندس اصلي نالو شيرمحمد خان هو ،


1978.01.11  عيسوي

ابنِ انشا 11 جنوري 1978ع تي لنڊن ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمن شاهه داتا
ديو اُڌارام ناٿاڻي
عمر شريف
ابن خردازبه 2
پيرزادو عبدالرزاق مولوي
شهاب الدين ملا
تميزالدين مولوي
آغا ناصر
حنا اگناڻي
سيد محمد شاهه سنائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون