ابو معشر السندي

ابو معشر السندي: حديث جو مشھور راوي، جنھن جو پورو نالو ابو معشر نجيح بن عبدالرحمان السندي ھو، ڪنھن جنگ ۾ گرفتار ڪري آندو ويو، کيس حجاز ۾ ام موسيٰ خريد ڪيو ۽ پوءِ بنو ھاشم جي ميراث ۾ آيو. آخرڪار ھن مقرر ڪيل رقم ادا ڪري پاڻ کي آزاد ڪرايو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ ھن تمام وڏو علمي رتبو حاصل ڪيو، ھن حديث ۽ فقه ۽ مغازي ۾ مھارت حاصل ڪئي. حديث سکڻ لاءِ ھن وقت جي عالمن کان تمام گھڻو پرايو، پوءِ ھن جا به ڪيترائي شاگرد ٿيا، سنڌي ھئڻ جي ڪري ھن جو لھجو ۽ سندس تلفظ جي ادائگي صحيح نه ھئي. کيس ابو معشر ’السندي‘ سڏيندا ھئا. ھو حافظي جو ڪجهه ڪمزور ھو. ھو خليفي مھديءَ جي ماءُ، ام موسيٰ جو غلام رھي چڪو ھو، ان ڪري کيس 160ھ777/ع ڌاري مديني مان عراق آندو ويو. ابو معشر السنديءَ جي جنازي نماز خليفي ھارون الرشيد پڙھائي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو