خواجه معين الدين چشتيءَ جي مزار

خواجه معين الدين چشتيءَ جي مزار

اجمير جو نقشو - گگل ميپز

اجمير جو نقشو - گگل ميپز

خواجه معين الدين چشتيءَ جي مزار

خواجه معين الدين چشتيءَ جي مزار

خواجه معين الدين چشتيءَ جي مزار

خواجه معين الدين چشتيءَ جي مزار

اجمير

اَجمير / اجمير: راجستان (ڀارت) جو هڪ شهر ۽ علائقو. اجمير شهر جو بنياد راجپوت راجا اجيه چوهاڻ 1100ع جي دور ۾ رکيو. هيءُ شهر شهاب الدين غوريءَ 1192ع ۾ فتح ڪيو. شهنشاهه اڪبر پنهنجي شروعاتي سالن ۾ اجمير کي پنهنجي مملڪت ۾ شامل ڪيو. هن اجمير ۾ هڪ قلعو ۽ محلات ٺهرايو، جنهن کي هاڻي ڀارتي سرڪار ميوزيم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڪبر بادشاهه ننڍي کنڊ جي مشهور صوفي اولياءَ خواجه معين الدين چشتيءَ جي مزار جي زيارت لاءِ گهڻائي ڀيرا سفر ڪيو. اجمير جو شهر اهم زيارت گاهه آهي.
اجمير پنهنجي اسلامي آثارن، عمارتن خاص ڪري حضرت خواجه
معين الدين چشتيءَ جي مقبري کان مشهور آهي. اُهو مقبرو مالوا جي سلطانن 1455ع جي لڳ ڀڳ تعمير ڪرايو هو. جيتوڻيڪ ٻيون عمارتون پوءِ ٺهيون، جن ۾ ٻه مسجدون، اڪبر ۽ شاهجهان جون ٺهرايل آهن، هڪڙي عمارت اڍائي ڏينهن جو جهوپڙو آهي، جيڪا دراصل درسگاهه هئي، جنهن کي پوءِ مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو. ٻيون تاريخي جايون، جن ۾ اڪبر جو ٺهرايل ’قلعو بند قصر‘، جهانگير جو ٺهرايل باغ ۽ شاهجهان جي اڏايل اناساگر جي بند تي واقع ’مرمري ڪوشڪ‘ شامل آهن.
سنڌ جي حڪمرانن توڙي عام عقيدتمندن پڻ اجمير شهر ۾ ڪندوريءَ جون ديڳيون، اوطاقون ۽ اوتارا درگاهه جي لاءِ وقف ڪيا، جن مان مشهور ڪافي گو شاعر مصري شاهه جو نالو قابل ذڪر آهي. ان کان سواءِ ڪيترا عقيدتمند هرسال سالياني عرس جي موقعي تي اجمير شريف ويندا رهندا آهن.
سنڌ جو مرد مجاهد ۽ تحريڪ خلافت جو اڳواڻ بئريسٽر جان محمد جوڻيجو به اجمير جي درگاهه جي ڀر ۾ دفن آهي.

wikipedia
http://en.wikipedia.org/wiki/Ajmer


لفظ اجميرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1100.00.00  عيسوي

اَجمير / اجمير: راجستان ( ڀارت ) جو هڪ شهر ۽ علائقو . اجمير شهر جو بنياد راجپوت راجا اجيه چوهاڻ 1100ع جي دور ۾ رکيو .


1192.00.00  عيسوي

اجمير: هيءُ شهر شهاب الدين غوريءَ 1192ع ۾ فتح ڪيو . شهنشاهه اڪبر پنهنجي شروعاتي سالن ۾ اجمير کي پنهنجي مملڪت ۾ شامل ڪيو .



شهر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏانو ڌانڌل
چشتيان
پنجگور
درازا
زيارت
سن
ٽنڊو ٻورا
ڀُڄ
سنڌو نگر
ٻيلو (شھر)
شهر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون