احمد حسن داني

احمد حسن داني

احمد حسن داني

احمد حسن داني: آثار قديمه جو ماهر احمد حسن داني 1920ع ۾ ڄائو. هي پاڪستان جي قديم آثارن جو وڏو ڄاڻو، سنسڪرت جو پاڪستان ۾ واحد عالم، پشاور يونيورسٽيءَ ۾ آرڪيالاجي شعبي جو چيئرمين، ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي ملڪن جي قديم آثارن جو ماھر هو. پاڻ ٽيڪسلا انسٽيٽيوٽ آف ايشين سولائيزيشن جو ڊائريڪٽر رهيو. قائداعظم يونيورسٽيءَ جو پروفيسر امرٽس به رهيو. داني صاحب ڪيترين پاڪ-ڀارت ٻولين جو ڄاڻو هو. ھي پھريون مسلمان عالم ھو، جنھن بنارس ھندو يونيورسٽيءَ مان پوسٽ گريجوئيشن ڪئي. کيس مڃتا طور پاڪستان سرڪار طرفان ’ھلال امتياز‘ جو تمغو عطا ڪيو ويو. سندس کوڙ مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آھن. مڪليءَ جي آثارن تي Islamic Architecture of Thatta جي نالي سان سندس اهم ڪتاب شايع ٿيل آهي، جنھن کي عطا محمد ڀنڀري ترجمو ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيو. هي پاڪستان ۾ سڪن جو ماهر هو. عبدالله خان ورياهه، سندس ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نگرانيءَ ۾،”سِڪن جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ“ جي عنوان تي Ph.D پئي ڪئي، پر آخري سيمينار کان اڳ عبدالله خان گذاري ويو، سندس محنت شايع ٿيڻ جي منتظر آهي. احمد حسن داني 25 جنوري 2009ع تي وفات ڪئي.


لفظ احمد حسن دانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.00.00  عيسوي

احمد حسن داني :احمد حسن داني 1920ع ۾ ڄائو . پاڻ پاڪستان جي قديم آثارن جو وڏو ڄاڻو ،


2009.01.25  عيسوي

احمد حسن داني 25 جنوري 2009ع تي گذاري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حفيظ قريشي2
جتوئي حيدر بخش ڪامريڊ
ڀڳت سترامداس
اميشا پٽيل
راماڻي شيلا
بشير مورياڻي
ڏاهر راجا
چوڌري فضل الاهي
طالش
شفيع لاهوري مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون