احمد ميان سومرو

احمد ميان سومرو

احمد ميان سومرو

احمد ميان سومرو: سنڌ جو نامور سياستدان ، اڳوڻو اسپيڪر ۽ وڪيل احمد ميان ولد حاجي مولا بخش سومرو شڪارپور ۾ ڄائو . ابتدائي تعليم شڪارپور مان پاس ڪري ، گريجوئيشن ڪراچيءَ مان ڪيائين . هن ايل . ايل . بي جو امتحان بمبئيءَ مان پاس ڪيو . احمد ميان سومرو شڪارپور جي سومرا خاندان جو هڪ اهم فرد هو . پاڻ بنيادي طرح هڪ زميندار هو . سياسي زندگيءَ جي شروعات ميونسپالٽي جيڪب آباد جي صدر چونڊجڻ سان ٿيس . وڪالت سندس پسنديده مشغلو هو ، پاڻ بهترين وڪيل هو . احمد ميان سومرو هڪ اعليٰ انسان ، غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد هو . پاڻ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو . کيس اعليٰ قابليت ۽ سياسي پس منظر ۽ بهترين پارليامينٽرين هئڻ ڪري مغربي پاڪستان جي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر ۽ پوءِ اسپيڪر چونڊيو ويو . اسپيڪر هئڻ واري زماني ۾ هن پارليامينٽ اندر اعليٰ سياسي روايتن جو بنياد رکيو ، جنهن کي اڄ تائين ياد ڪيو وڃي ٿو . اسپيڪر جي حيثيت ۾ ميمبرن جي لاءِ پارليامينٽ جي اصولن ۽ قاعدن جوڙڻ ۽ رُڪنن لاءِ ضابطا اخلاق ٺاهڻ شامل آهن . پاڪستان ۾ جيڪي نالي وارا اسپيڪر ٿي گُذريا آهن ، انهن ۾ احمد ميان جو نالو مٿاهون آهي . احمد ميان سومرو پاڪستان جي سينيٽ جو رُڪن پڻ رهي چڪو هو .


لفظ احمد ميان سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو