اختر حميد خان

اختر حميد خان

اختر حميد خان

اختر حميد خان: مشهور سماج سڌارڪ، سماجي سائنس ۾ مهارت رکندڙ ۽ اسڪالر، ڊاڪٽر اختر حميد خان 1914ع ۾ آگري (اترپرديش) ۾ ڄائو. پهريان علي ڳڙهه ۽ پوءِ ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد 1936ع ۾ هن انڊين سول سروس (ICS) جو امتحان پاس ڪري، سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي ۽ ڪيترن ئي عهدن تي ڪم ڪيائين. اڳتي هلي هن نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏني. پهريان هڪ ننڍڙي فئڪٽري کولي ۽ بعد ۾ جامعه اسلاميه دهليءَ ۾ هيڊماستر مقرر ٿيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هو لڏپلاڻ ڪري اوڀر پاڪستان هليو ويو، جتي هن ”ڪوميلا ۾ رورل ڊولپمينٽ اڪيڊميءَ“ نالي هڪ ”اين جي او“ قائم ڪئي ۽ بنگالي هارين کي اها ترغيب ڏني ته اهي پنهنجي زندگيءَ جو معيار بهتر بنائن ۽ شهري سهوليت جي حاصلات لاءِ اين. جي. او جي پليٽ فارم تي ماهوار ڪا معمولي رقم بچت ڪري سيڙپ ڪن. اڳتي هلي هن بسن ۽ رڪشائن جي ڊرائيورن لاءِ هڪ اين. جي. او قائم ڪئي. اوڀر پاڪستان جي بنگلاديش بنجڻ کان پوءِ ڊاڪٽر اختر حميد خان واري تصور کي عملي روپ ڏيندي ”گرامين بئنڪ“، ننڍي سطح تي سيڙپ ۾ شراڪتداريءَ وارو تجربو شروع ڪيو ۽ خاص طور تي بنگالي عورتن ۾ ”مائڪرو ڪريڊٽ سسٽم“ کي متعارف ڪرائي ۽ ڪامياب بنائي، ڏکڻ ايشيا ۾ اين جي. اوز جي فيصلائتي ڪردار کي مڃتا ڏياري. ڊاڪٽر اختر حميد خان اوڀر پاڪستان واري سانحي کان پوءِ ڪراچيءَ هليو آيو ۽ اتي 1980ع ڌاري هن شهر جي جُهڳين (slums) ۾ نهايت گندي ۽ سڀني شهري سهوليتن کان وانجهيل زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي شهري سهوليتون فراهم ڪرڻ ۽ ترقياتي اسڪيمون ڏيڻ لاءِ اورنگي پائلٽ پراجيڪٽ جو بنياد وڌو. پاڪستان سرڪار کيس سندس خدمتن جي مڃتا ۾ ستاره امتياز ۽ هلال امتياز جا اعزاز ڏنا، جڏهن ته ڊاڪٽر اختر حميد خان جي ڏنل تصور تي عمل ڪندڙ ٻين ملڪن به کيس ڪيترائي اعزاز ڏنا، جن مان فلپائن جو ميگسي ايوارڊ قابل ذڪر آهي. ڊاڪٽر اختر حميد خان ٻن ڪتابن جو مصنف هو ۽ هن ديس پرديس جي ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ سماجي تبديليءَ بابت ڪالم لکيا.
ڊاڪٽر اختر حميد خان خود انحصاريءَ ۾ ويساهه رکندڙ هو ۽ هن هميشه پرڏيهي امداد واري ڪشڪول جي مخالفت ڪئي. هن جو فلسفو اهو هو ته ”ڪابه پرڏيهي امداد يا بئنڪ ڪنهن به ملڪ ۾ ترقيءَ جي حق ۾ ناهي ۽ فقط مقامي ماڻهو پنهنجي سِر ئي پنهنجن علائقن، شهرن ۽ ملڪن ۾ گڏيل سهڪار واري بنياد تي ترقي ڪري سگهن ٿا“. ڊاڪٽر اختر حميد خان پنهنجي پراجيڪٽ جي حوالي سان آخري وقت تائين هڪ ساک وارو سماج سڌارڪ ڪردار رهيو.. 85 سالن جي عمر ۾ پنهنجي ڌيءَ سان گڏ آمريڪا جي دوري تي ويو، جتي دل جي دوري پوڻ سبب 9 آڪٽوبر 1999ع تي وفات ڪيائين.


لفظ اختر حميد خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.00.00  عيسوي

اختر حميد خان: مشهور سماج سڌارڪ ، سماجي سائنس ۾ مهارت رکندڙ ۽ اسڪالر ، ڊاڪٽر اختر حميد خان 1914ع ۾ آگري ( اترپرديش ) ۾ ڄائو .


1999.10.09  عيسوي

سالن جي عمر ۾ پنهنجي ڌيءَ سان گڏ آمريڪا جي دوري تي ويو ، جتي دل جي دوري پوڻ سبب 9 آڪٽوبر 1999ع تي وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رامانج آچاريه
ابو الڪسيس الزهراوي
آفتاب شيرپائو
شامي سيد احمد خالد
چاڪر خان سهرياڻي
سلطان مقيم بيگلار جي نياڻي
شيخ مومل
ٽوبن جيمز
جان ملٽن
جان الله شاهه عاشق
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون