ادريس عليه السلام

ادريس عليه السلام: حضرت ادريس عليه السلام، الله تعاليٰ جو پيغمبر هو. پاڻ انيف (مصر) ۾ پيدا ٿيو. عرب جا ماڻهو کيس هرمس، ادريس ۽ مثلث بالمغمه جي نالن سان سڏيندا آهن. پاڻ 105 سال نبوت جا فرض ادا ڪيائون ۽ عام ماڻهن جي بهتريءَ لاءِ الله جو پيغام پهچائيندا رهيا، مٿن ٽيهه صحيفا نازل ٿيا. 65 سالن جي عمر ۾ بروفا نالي هڪ نيڪ خاتون سان شادي ڪيائون، جنهن مان کيس هڪ فرزند متوشلح پيدا ٿيو. قرآن پاڪ ۾ ٻه دفعا سندن ذڪر آيو آهي. پهرين سورة مريم ۾، جتي ٻين نبين سڳورن جو ذڪر ڪندي 56 آيت ۾ فرمايو ويو آهي ته: ”اي نبي، پاڪ ڪتاب ۾ ادريس عليه السلام جو ذڪر ڪر، هو راست بازي جو پيڪر ۽ نبي هو، اسان ان کي تمام وڏي مقام تي پهچائي ڇڏيو هو.“ ٻيو سورة الانبياء جي 85 آيت ۾ حضرت اسماعيل عليه اسلام، حضرت ادريس عليه السلام ۽ حضرت ذوالڪفل عليه السلام جو ذڪر آيو آهي ۽ چيو ويو آهي ته ”اهي سڀئي حق جي راهه تي صبر ڪرڻ وارا هئا، اسان انهن کي پنهنجي رحمت جي سايي ۾ کڻي ورتو. هو يقيناً نيڪ ماڻهن مان هئا.“ انجيل ۾ به حضرت ادريس عليه السلام جو ذڪر موجود آهي.


لفظ ادريس عليه السلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو