ارباب

اَربابُ: سما قبيلي جي ڪن خاندانن جو لقب. سمن جي مقابلي۽ جنگين ۾ سماٽ قبيلن کي گهڻو نقصان پهتو. ان هوندي به ڪن قبيلن ۽ گروهن پنهنجو وجود برقرار رکيو. جيئن ته اُنڙن پنهنجي موجوده اڳواڻ ”ڄام تماچيءَ“ جي روپ ۾، سمن جي شاهي خاندان جي نالي کي قائم رکيو آهي. سما قبيلو گهڻين نکن ۾ ورهايل هو، جن جي سڃاڻپ پنهنجي سردارن جي نالن سان ٿيندي هئي. جهڙوڪ: ڄام، ارباب، وڏيرا ۽ ڄاموٽ وغيره. ٿر ۽ گولاڙچي، توڙي سڄيءَ سنڌ ۾ رهندڙ نُهڙيا قبيلي جو سردار پاڳارو سڏجي.ان جو هن وقت پنجويهون پاڳارو ارباب جلال الدين آهي، ان کان علاوه سياسي حوالي سان نهڙين ۾ ارباب خانصاب توڳاچي ارباب حاجي الهجڙيو، تاج محمد'>ارباب تاج محمد، امير حسن'>ارباب امير حسن، ارباب فيض محمد ، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ، ارباب عطاءُ الله ۽ ارباب ذڪاءُ الله جا نالا سرفهرست آهن. هالن نون، دڙي، لاکن ۽ بَٺي جا ميمڻ به ارباب سڏائيندا آهن. ”ارباب“ عزت وارو لقب آهي، تنهنڪري عام ماڻهن پنهنجي اولاد (پٽن) جو نالو پڻ ارباب رکايو. انهيءَ ڪري ڪن ڳوٺن ۽ ديهن جا نالا به انهن ماڻهن جي پٺيان مشهور ٿيا.


لفظ اربابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو