ارجن

ارجن: راجا پانڊَو جو ٽيون نمبر پُٽ، جيڪو راڻيءَ ڪُنتيءَ (ماتا ڪنتي) جي پيٽ مان پيدا ٿيو. هن لڙائيءَ جي تربيت دروڻ آچاريه کان حاصل ڪئي ۽ تيراندازيءَ ۾ پڻ خاص مهارت حاصل ڪيائين، انهيءَ ڪري سؤيمبر ۾ دروپدي کٽيائين. جُوئا ۾ دروپديءَ کي هارائڻ جي نتيجي ۾ پانڊون کي ٻارهن سال بنواس ڀوڳڻو پيو ته ارجن سمورو وقت ڀائرن سان گڏ رهيو. تيرهين سال ۾ ڪورون ۽ پانڊون جي وچ ۾ جنگ لڳي. ان جنگ کي ”مهاڀارت“ چون ٿا، جيڪا ڪرو کيتر جي ميدان ۾ لڳي، اڳي شري ڪرشن مهراج پانڊون جي مدد ۾ آيو. انهيءَ جنگ ۾ ارجن پنهنجن سڀني مٽن مائٽن ۽ سؤٽن کي پنهنجي مقابلي ۾ ڏسي، جنگ مان هٿ ڪڍڻ جو ارادو ڪيو، پر ڪرشن مهراج جي نصيحتن (جيڪي ڀڳوت گيتا جو حصو آهن)، کيس لڙائيءَ تي آماده ڪيو. هن لڙائيءَ ۾ ڪورون جا وڏا طرفدار ڀيم، جئدرٿ ۽ ڪَرَن مارجي ويا ۽ پانڊون کي فتح حاصل ٿي. ان کان پوءِ به ارجن ڪيتريون ئي لڙايون ڪري، پنهنجيءَ حڪومت کي گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ دکن تائين وڌايو. عمر جي پوئين حصي ۾ هماليه جي جهنگلن ۾ هليو ويو ۽ اتي ئي گذاري ويو.


لفظ ارجنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو