ارداس

ارداس: فارسي ٻوليءَ جي ”عرضداشت“ لفظ جو بگڙيل اُچار، جنهن جي معنيٰ آهي، عرض، سوال، التجا، وغيره. سک ڌرم ۾ روزانو پاٺ ڪرڻ يا اهم ڪرياڪرم سرانجام ڏيڻ تي ’ارداس‘ پڙهي ويندي آهي. ان وقت جملي حاضرين هٿ ٻڌي بيهندا آهن. هڪڙو شخص ارداس پڙهندو ۽ ٻيا ماٺ ڪري ٻڌندا ۽ آخر ۾ ’واه گرو‘ چوندا، انهيءَ ارداس جو به مطلب آهي ”التجا، سوال، عرض وغيره.“


لفظ ارداسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو