ارل اسٽين

ارل اسٽين

ارل اسٽين

ارل اسٽين Aurel Stein: آثار قديمه جي هن مشهور ماهر جو پورو نالو سَر مارڪ ارل اسٽين هو. سندس جـنـم 26 نـومـبـر 1862ع تي بـرطـانـيـا جــي شـهر بداپـسـٽ (Budapest) ۾ ٿيو. هي برطانيا جي هنگري نسل مان هو. مذهبي حـوالي سـان تـعـلق يــهــودي گهراڻي سان هو، پر بعد ۾ پنهنجي ڀاءُ ارنيسٽ ايڊورڊ سـان گـڏ جـرمـن مذهـبـي مـصـلـح مـارٽـن لـوٿـر جـو پيروڪـار ٿـي لوٿرين (Lutherans) فرقي ۾ شامل ٿيو. ارل اسٽين، ابتدائي طور وچ ايشيا جي قديم آثارن تي تمام گهڻي کوجنا ڪئي. هي دنيا جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پروفيسر جي عهدي تي پڻ فائز رهيو. هن ڪجهه عرصو اورينٽيل ڪاليج لاهور جي پرنسپال طور ڪم ڪيو. ان کان سواءِ پنجاب يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار رهيو. 1904ع ۾ کيس انسپيڪٽر جنرل آف ايجوڪيشن اينڊ آرڪيالاجيڪل سروي آف بلوچستان مقرر ڪيو ويو. 1910ع کان 1917ع تائين لارڊ ڪرزن گورنر جنرل هندستان طرفان کيس اتر- اولهه سرحدي صوبن جي آرڪيالاجيءَ جو سپرنٽينڊنٽ ۽ پشاور ميوزيم جو ڪيوريٽر مقرر ڪيو ويو. هن برطانيا حڪومت جي تعاون سان آثار قديمه متعلق سائنسي تحقيق ۽ کوجنا ڪندي تمام گهڻو مشهور ٿيو. ارل اسٽين تي ان وقت جي آثار قديمــه جـي مـاهـرن سويـن هـڊن (Sven Hedin) ۽ زانـگـيـنـگ (Xuangang) جو تمام گهڻو اثر رهيو. 1920ع کان 1930ع ۾ هن وچ ايشيا (ننڍي کنڊ) مان کوجنا دؤران نوادرات ڳولهي لڌائين، جيڪي برطانيا جي لائبريري ۾ موجود آهن، جن ۾ چين مان هٿ آيل قديم ٻولين تبتي (Tibetan) ۽ تانگٽ (Tangut) ٻولين جـا مسودا، جيڪي ڪاٺ جي ٽـڪـيـن تـي لـکـيـل آهـن، جـيـڪي يـوگـر (Uyghur)، سـوگدي (Sogdian) ۽ ٻين التائي ٻولين ۾ لکيل آهن، محفوظ ٿيل آهن. ان کان علاوه هن جي اهم کوجنا ۾ پهرين صدي عسيوي جي وچ ايشيا جي ماڻهن جي متروڪ هند- يورپي (تخاري) ٻولين کي سائنسي تحقيق وسيلي ڳولي لهڻ جو ڪم به شامل آهي. ارل سٽين، ننڍي کنڊ جي ايران ۽ بلوچستان جي آثارِ قديمه تي تمام گهڻي تحقيق کانپوءِ آثار قديمه جي ماڳن تي لاتعداد رپورٽون تحرير ڪيون. هن سڪندر اعظم جي اچڻ وڃڻ جي شاهراهه، جنهن ۾ پنجاب، ايران، مڪران، سنڌ ۽ ڏکڻ اوڀر ايران تي به ڪم ڪيو. 1907ع ۾ هن موگاؤ (Mogao Caves) نالي غارن جي کوجنا ڪئي، جيڪي چين جي دوهانگ (Dunhuang) ۾ موجود هيون. اهي غارون ٻوڌي دؤر جا قديم آثار آهن. عام طور انهن غارن کي (Caves of Thousand Buddhas ) جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. هن جي ڪيل تحقيق ۾ 24 مختلف ٻولين جي قديم مسودن، آثارِ قديمه مان هٿ آيل مصوري جي فن پارن، آڳاٽي وقت ۾ استعمال ٿيندڙ قديم ۽ دلچسپ شين تي تحقيق ۽ 1906ع کان 1908ع ڌاري مغربي چائنا ۾ موجود Kunlon Mountains جي سروي جوڪم قابل ذڪر آهن. 3 کان 4 صدي جو مليل قالين جو هڪ ڇڳل ٽڪرو پڻ ارَل اسٽين جي تحقيق جو نتيجو آهي اهو ٽڪرو (Frogment of Carpet Loulan Xinjiang) مان هٿ آيو، جيڪو برٽش ميوزيم ۾ رکيل آهي. سندس کوجنا دوران مليل نوادرات برٽش لائبريري، سرينگر ميوزيم، نئين دهلي جي نيشنل ميوزيم ۽ برٽش ميوزيم لنڊن ۾ رکيل آهن. سندس گڏ ڪيل شيون ۽ فن پارا وچ ايشيا ۽ ٻڌمذهب جي تاريخ تهذيب ۽ ادب کي سمجهڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيا آهن. هن بلوچستان، بلوچي ايران ۽ سنڌو تهذيب تي به واکاڻ جوڳو ڪم ڪيو، 1977ع ۾ جينيٽ مرسڪي ۽ 1995ع ۾ اينابل والـڪر (Annabel Walker) نالي مشهور سوانح نگارن، ارل اسٽين جي شخصيت، زندگي ۽ تحقيق جي حوالي سان سندس سوانح عمري لکي، جنهن ۾ سندس ڪم کي ساراهيو آهي. 1943ع ۾ هن انگريز حڪومت کان افغانستان جي کوٽائي جي اجازت ورتي. 26 آڪٽوبر 1943ع تي ڪم ڪندي 80 سالن جي عمر ۾هن ڪابل ۾ وفات ڪئي، اتي ئي کيس دفنايو ويو. ايشيا ۾ خاص ڪري ننڍي کنڊ ۾ ڪيل کوجنا يا لاڳاپيل آثارن بابت کوجنا وارن سندس ڪجهه ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
1898. Detailed Report on an Archaeological Tour with the Buner Field Force, Lahore, Punjab Government Press.
1905. Report of Archaeological Survey Work in the North-West Frontier Province and Baluchistan, Peshawar, Government Press, N.W. Frontier Province.
The Thousand Buddhas: ancient Buddhist paintings from the cave-temples of Tung-huang on the western frontier of China.
1921 “A Chinese Expedition Across the Pamirs and Hindukush, A.D. 747.” Indian Antiquary 1923.
1929. On Alexander\\\'s Track to the Indus: Personal Narrative of Explorations on the North-West Frontier of India. London, Macmillan & Co. Reprint: New York, Benjamin Blom, 1972.
1940 Old Routes of Western Iran: Narrative of an Archaeological Journey Carried out and Recorded, MacMillan and Co., limited. St. Martin\\\'s Street, London.
1944. \\\"Archaeological Notes from the Hindukush Region\\\". J.R.A.S.


لفظ ارل اسٽينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1862.11.26  عيسوي

سَر مارڪ ارل اسٽين 26 نـومـبـر 1862ع تي بـرطـانـيـا جــي شـهر بداپـسـٽ ( Budapest ) ۾ ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صديق سمراٽ
آصفه ڀٽو زرداري
علي مير شاهه
شيما ڪرماني
خوارزمي محمد بن موسيٰ
ڄاموٽ سيد حاجي جلال شاهه
حڪيم فضل محمد
پير عبدالستار جان سرهندي
بلوچ ناصر
ڀَرَتُ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون