استاد بڙي غلام علي خان

استاد بڙي غلام علي خان

استاد بڙي غلام علي خان

استاد بڙي غلام علي خان: سنگيت جي برک ۽ ممتاز گويي استاد علي بخش خان جو لائق پٽ استاد بڙي غلام علي خان 2 اپريل 1902ع تي پيدا ٿيو. هو پنهنجي دور جو هڪ مڃيل ۽ عظيم موسيقار هو. هو موسيقار هجڻ کان سواءِ سٺو شاعر به هو ۽ تخلص ’سب رنگ‘ اختيار ڪندو هو. ’پيا موري بات اب نا ماني‘، ’سب رنگ، سب جڳ جاني‘ سندس مشهور ڪلام آهي. موسيقار جيڪو پاڻ ڪلام به جوڙيندو هجي، ان کي سنگيت جي دنيا ۾ ’نائڪ‘ ڪوٺبو آهي. راڳداريءَ ۾ کيس ”پدم ڀوشن“ ۽ ”سُر جو پتلو‘ خطاب پڻ مليا. هڪ سنگيت ڪار لاءِ هي سڀ خطاب وڏي اعزاز ۽ عزت جو نشان سمجهيا وڃن ٿا. پر فنڪار خود اعزازن کان وڏو هوندو آهي. اڳي سڀ موسيقار تانپوري تي ڳائيندا هئا، مگر استاد بڙي غلام علي خان سڀ کان پهريائين سرمنڊل ڪتب آندو. ’دم دم ياد پون ٿيون، مارن مٺيون ڳالهڙيون‘ ۽ ”دلڙي لُٽي تنهن يار سڄڻ‘، سندس ڳايل مشهور ڪافيون آهن. استاد بڙي غلام علي خان ٺمريءَ جو بادشاهه گائڪ مڃيو ويندو هو، مگر پوءِ سندس توجهه خيال جي گائڪيءَ طرف گهڻو رهيو، سندس پٽ منور علي خان هندوستان ۾ چڱو نالو ڪڍيو آهي. استاد بڙي غلام علي خان جو پسنديده ساز سارنگي هو. ملڪه ترنم نورجهان ۽ لتا منگيشڪر سندس شاگردن مان آهن. بادشاهه موسيقار هجڻ جي باوجود ڏاڍو نهٺو ۽ بردبار شخص هو ۽ هميشه فن جي سکڻ لاءِ ڪوشان رهندو هو ۽ اهڙي طرح هن استاد عاشق علي خان کي پنهنجو استاد ڪري مڃيو. حالانڪه کيس فن موسيقي جي مڪمل سکيا پنهنجي پيءُ استاد علي بخش خان کان مليل هئي. ان کان سواءِ استاد مبارڪ علي خان گوالياريءَ کان به راڳ جي سکيا ورتائين. استاد بڙي غلام علي خان جي وفات 23 اپريل 1966ع ۾ ٿي.


لفظ استاد بڙي غلام علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.04.02  عيسوي

استاد بڙي غلام علي خان: سنگيت جي برک ۽ ممتاز گويي استاد علي بخش خان جو لائق پٽ استاد بڙي غلام علي خان 2 اپريل 1902ع تي پيدا ٿيو .


1966.04.23  عيسوي

استاد بڙي غلام علي خان جي وفات 23 اپريل 1966ع ۾ ٿي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد ڪرم حسين
شاهاڻي صاحب سنگھه
اياز علي شاهه شيرازي
ديوان بهادر مرليڌر پنجابي
پير ڇٽو
زيب النساء ملاح
تحوتمش III
تسنيم احمد صديقي
شهناز شيخ
دادا گرداس واڌواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون