نصرت فتح علي خان

نصرت فتح علي خان

استاد نصرت فتح علي خان

استاد نصرت فتح علي خان: قوالين کي هڪ جديد انداز سان عوام آڏو پيش ڪري ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مڃتا ماڻيندڙ استاد نصرت فتح علي خان کي گلوڪاري ۽ موسيقي جو فن ورثي ۾ مليو هو. هن 1948ع ۾ فيصل آباد شهر ۾ اک کولي. سندس پيدائشي نالو محمد پرويز هو. پر هڪ بزرگ مٿس نصرت فتح علي خان نالو رکيو. هن جو والد فتح علي خان ۽ چاچو مبارڪ علي خان پنهنجي وقت جا مشهور قوال هئا. جڏهن ته مرحوم جي ڏاڏي اختر حسين به موسيقيءَ جي دنيا ۾ نالو ڪمايو هو. جنهن انداز ۾ هن نون سازن ۽ آوازن سان ڳايو، عوام سندس قوالي جو انداز ڏاڍو پسند ڪيو. نصرت جي گھر وارن جي خواهش هئي ته هو انجينئر ٿئي يا ڊاڪٽر، پر هي لڪي لڪي موسيقيءَ جي سکيا وٺندو هو، جڏهن سندس اهڙي خواهش جي ڄاڻ چاچي مبارڪ کي پئي ته سڀ کان اڳ کيس ڍولڪ وڄائڻ سيکاري، ۽ ان کانپوءِ کيس سنگيت جي دنيا ۾ آندائين. جڏهن هن ”دم مست قلندر“ ۽ ”ڪنا سوڻا تينو رب ني بنايا“ ڳايو ته کيس انهن ٻنهي قوالين شهرت جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو. هن کي قوال هجڻ تي وڏو فخر هوندو هو ۽ قوال جي حيثيت سان ئي پاڻ کي متعارف ڪرائيندو هو. 1990ع ۾ پهريون ڀيرو سندس آڊيو ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ آيون. اوڀر جي ملڪن ۾ هن جي فن جا ايترا ته قدردان نڪري آيا، جو هن کي واشنگٽن يونيورسٽيءَ ۾ رهڻ جي دعوت ڏني وئي ۽ اتي آمريڪين کي موسيقي سيکاريندو رهيو. اتان جا ڪيترا مرد توڙي عورتون هن کان موسيقي جي تربيت وٺندا رهيا. هو رومانوي غزل پڻ قوالي جي انداز ۾ ڳائيندو هو، سندس ڳلي ۾ عجب تاثير هئي. سندس محفلن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي ٻڌندڙ سندس سرن ۾ محو ٿي رقص ڪندا هئا.
مرحوم نصرت فتح علي کي بالي ووڊ فلم انڊسٽري وارن به موسيقيءَ جي دعوت ڏني. اتي هن جي ڏنل موسيقيءَ جو اهڙو ته اثر ٿيو، جو اتان جي ڪيترين ئي فلمن ۾ هن موسيقي ترتيب ڏني. جن ۾ بينڊٽ ڪوئين، ڪارتوس، ڪچي ڌاگي، اور پيار هوگيا فلمون شامل آهن، جڏهن ته پاڪستاني فلم ”پل دو پل“ به موسيقي ترتيب ڏنائين. ان کانسواءِ هن هڪ انگريزي فلم ”لاسٽ ٽيمپٽيشن آف ڪرائسٽ“ جو پلي بيڪ گرائونڊ ميوزڪ ڏئي پاڻ کي دنيا جو بهترين موسيقار طور مڃرايو، ان کانپوءِ هن آسڪر اوارڊ يافته فلم”ڊيد مين واڪنگ“ ۽ ”نيچرل بورن ڪلرز“ جي پڻ موسيقي ڏني. هن جا 50 کان وڌيڪ البم مارڪيٽ ۾ آيا آهن. 1995ع ۾ جرمني جي هڪ تقريب ۾ هن کي ”يونيسڪو اوارڊ“ ڏنو ويو، جڏهن ته لنڊن ۾ بي بي سي پاران کيس لائيف ٽائيم اوارڊ ڏنو ويو. نصرت فتح علي خان لنڊن جي اسپتال ۾ 16 آگسٽ 1996ع تي شگر ۽ گڙدن جي بيماري وگهي وفات ڪئي. اڄ هو نه آهي، پر سندس جديد انداز ۾ ڳايل قواليون هر هنڌ گونجي رهيون آهن.


لفظ استاد نصرت فتح علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.00.00  عيسوي

استاد نصرت فتح علي خان: قوالين کي هڪ جديد انداز سان عوام آڏو پيش ڪري ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مڃتا ماڻيندڙ استاد نصرت فتح علي خان کي گلوڪاري ۽ موسيقي جو فن ورثي ۾ مليو هو . هن 1948ع ۾ فيصل آباد شهر ۾ اک کولي .


1996.08.16  عيسوي

. نصرت فتح علي خان لنڊن جي اسپتال ۾ 16 آگسٽ 1996ع تي شگر ۽ گڙدن جي بيماري وگهي وفات ڪئي . اڄ هو نه آهي ، پر سندس جديد انداز ۾ ڳايل قواليون هر هنڌ گونجي رهيون آهن .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالليث صديقي ڊاڪٽر
خواجه محب علي
اي آرملڪ ڊاڪٽر
ڀٽي مخدوم احمد
شفيع لاهوري مولانا
شاهه محمد دودائي
پريل فقير پينار
جهان بانو
پاربرهم فقير
پير ميان غلام نبي پنيل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون