اسرول

اسرول/آسرول (ٻوٽي): هن ٻوٽيءَ جو ٻوٽو ٽي فوٽ اوچو ٿيندو آهي. پن ٻه ٽي انچ ڊگها ۽ هڪ انچ ويڪرا ٿيندا اٿس، جيڪي ڳاڙهن مرچن جي پنن سان ملندر جلندڙ هوندا آهن. هن جون ڪيتريون ئي شاخون ٿينديون آهن ۽ هر شاخ جي چوٽيءَ تي گلن جو گهاٽي نارنگي رنگ جو ڇڳو هوندو آهي، جنهن ۾ ڪاري رنگ جو مٽر جي برابر ٻج سرجندو آهي. ان ٻوٽي جي پاڙ زمين ۾ اونهي هوندي آهي ۽ اها دوا طور استعمال ٿيندي آهي. ان جو سواد ڪڙو هوندو آهي. حڪيمن وٽ هيءَ ٻوٽي چريائي ۽ ديوانگيءَ جي خاص دوا آهي. جيڪڏهن پاڳل ماڻهو ڀڄندو ڊڪندو ۽ گوڙ مچائيندو يا ٻين کي ماريندو هجي ۽ بلڪل نه سمهي، ته ان دوا جي چند خوراڪن جي استعمال سان ننڊ اچڻ لڳندي اٿس، اجيڪڏهن مريض کي مستقل ننڊ نه ايندي هجي ته ننڊ ڏيارڻ لاءِ به ان دوا کي استعمال ڪيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو