اسور

اسور: چون ٿا ته هن ساز جو نالو يهودين جي لفظ Eser بمعني ڏهه تان ورتل آهي. موسيقي جي هن تاريخي ڪٽنب جي ساز ۾ ڏهه تارون ٿينديون هيون. چيو وڃي ٿو ته هن ساز جو ذڪر بائيبل ۾ به ڪيل آهي. پر ماهر ان ڳالهه تي متفق ڪو نه آهن. پهرين ۾ Asor سان گڏ Kinnor ۽ Nebel به لکيل آهن، ٻئي ۾ Nebel ۽ Asor سان هر ڀيري Nebel لفظ استعمال ٿيا آهن. ڏسجي ٿو ته Asor سان هر ڀيري Nebel گڏ اچي ٿو. ان ڪري خيال ڪيو ٿو وڃي ته نيبل نالي ٻيو ڪو ڏهن تارن وارو ساز هو.
لفظ Kinnor جي آوازي صورت سنڌ جي مشهور (ڀٽائي جي رسالي جي سر سورٺ ۾ بيان ڪيل لفظ ڪينرو بطور ساز“، ’ڪينر‘ يا ’ڪينري‘ جهڙي آهي. ممڪن آهي ته انهيءَ ساز جي بائيبل ۾ سازن جي حوالي استعمال ٿيل لفظ Kinnor سان ڪو لاڳاپو هجي.


لفظ اسورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو