اسپيڪٽرم

اسپيڪٽرم (The Spectrum): جڏهن به منشور (ٽه ڪنڊي بلور) مان سج جي روشني يا اڇي روشنيءَ جي ورڇ (Dispersion) ٿئي ٿي ته مختلف رنگن جي پٽي ٺهي ٿي، جنهن ۾ ڳاڙهو، ترنجي (نارنگي)، پيلو، سائو، نيرو (آسماني)، نيرو بنفشي (Indigo) ۽ واڱڻائي رنگ ٿين ٿا. اهڙيءَ طرح ٺهيل رنگن جي پٽي کي اسپيڪٽرم (Spectrum) چئبو آهي. هن جا رنگ ترتيب سان ٻارن کي ياد ڪرائڻ لاءِ هڪ لفظ ٺاهيو ويو آهي. ”ڳتپسانو“، جيئن انگريزيءَ ۾ لفظ Vibgyor ٺهيل آهي. انڊلٺ ۾ به اهي ئي رنگ ڏسبا آهن.


لفظ اسپيڪٽرمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو