اشبهار

اشبهار: اشبهار هڪ قلعي جو نالو آهي، جڏهن محمد بن قاسم ديبل، نيرون ڪوٽ، سيوهڻ وغيره جا قلعا فتح ڪيا ته پوءِ اشبهار جي قلعي ڏانهن ڪوچ ڪيائين، جيئن ته چچ نامي ۾ اشبهار جي قلعي ۽ ديبل، نيرون ڪوٽ، سيوهڻ کي ساڳي هجري سن 93 هه مطابق 711ع ۾ فتح ڪيو، ان ڪري گمان نڪري ٿو ته اهو قلعو سنڌ ۾ يا سنڌ جي آسپاس هوندو، جنهن بابت وڌيڪ معلومات نه ملي سگهي آهي. البته اهو ڏس ملي ٿو ته هي قلعو به محمد بن قاسم فتح ڪيو.


لفظ اشبهارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو