ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي

ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي

اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر

اشتياق حسين قريشي، ڊاڪٽر: تاريخدان، استاد، ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي 20 نومبر 1903ع تي ڀارت جي رياست ”پٽيالا“ ۾ ڄائو. دهليءَ ۽ ڪئمبرج مان تعليم حاصل ڪيائين. ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين دهليءَ، پنجاب ۽ ڪولمبيا جي يونيورسٽين ۾ تاريخ پڙهائيندو رهيو. پاڪستان ۽ هندستان جي هسٽاريڪل رڪارڊس ڪميشن، انسٽيٽيوٽ آف انٽرنئشنل افيئرس، انڊين هسٽري ڪانفرنس ۽ پاڪستان هسٽري سوسائٽيءَ جي انتظامي مجلسن جو ميمبر رهيو. تقريباً 11 سال ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ 1979ع ۾ ”مقتدره قومي زبان“ جو پهريون چيئرمئن مقرر ٿيو. ان کان اڳ ۾ 1949ع کان 1951ع تائين حڪومت پاڪستان جو نائب وزير داخله، ۽ پوءِ وزير مملڪت ۽ 1951ع کان 1954ع تائين وزير تعليم به رهيو هو. کيس پهرين ”ستاره پاڪستان“ ۽ پوءِ ”هلال امتياز“ جا اعزاز ڏنا ويا. 22 جنوري 1981ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين. قريشي صاحب ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1903.11.20  عيسوي

ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي 20 نومبر 1903ع تي ڀارت جي رياست ”پٽيالا“ ۾ ڄائو


1981.01.22  عيسوي

ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي 22 جنوري 1981ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهه بخش محمدي
بشير مورياڻي
چانڊيو محمد يوسف خان
شهمير شاهه شهيد سيد
بختاور خان ملڪ
راءِ بهادر شيوارام
حاجي مصري لنڊ
رند هارون
چاندو فقير
بدر ابڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون