اشفاق احمد

اشفاق احمد

اشفاق احمد

اشفاق احمد: مشهور اردو اديب ۽ افسانه نگار اشفاق احمد، 22 آگسٽ 1925ع تي مڪتسر ضلعي فيروزپور ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو ڊاڪٽر محمد خان هو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان ايم. اي ڪيائين ۽ ديال سنگهه ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ان کانپوءِ ٻن سالن تائين روم يونيورسٽِي ۾ اردو جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جتي اطالوي زبان ۾ ڊپلوما حاصل ڪيائين. فرانسيسي زبان جو ڊپلوما گرينوبل يونيورسٽي فرانس مان حاصل ڪيائين ۽ نيويارڪ مان ريڊيائي نشريات جي تربيت حاصل ڪيائين. وطن واپس اچڻ کانپوءِ هن پنهنجو اشاعتي گھر ”داستانِ سراءِ“ جي نالي سان قائم ڪيو ۽ رسالو ”داستان گو“ جاري ڪيائين. 1958ع ۾ جڏهن مارشل لا دوران هڪ حڪم تحت پروگريسو پيپرز لميٽڊ کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو ته پاڻ هفتيوار ”ليل و نهار“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. هڪ سال تائين پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ پنجابيءَ جو اعزازي ليڪچرر رهيو. ان کانسواءِ آرسي ڊي جي علاقائي ثقافتي انسٽيٽيوٽ ۾ چئن سالن تائين ڊائريڪٽر جي حيثيت سان فرائض سرانجام ڏيندو رهيو ۽ تقريباً ٽيهن سالن تائين اردو سائنس بورڊ جو ڊائريڪٽر رهڻ کانپوءِ رٽائر ٿيو.
اشفاق احمد کي تصوف سان تمام گهڻي رغبت هئي. ريڊيو نشريات مان ”تلقين شاهه“ هن جو سڀ کان مقبول فيچر هو. پاڪستان ٽيليوزن لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيا، ليڪن ”ايڪ محبت سو افساني“ تمام گهڻو مشهور ٿيو. جڏهن ته ”من چلي کا سودا“ ۽ افسانن ۾ ”گڊريا“ لافاني تخليقون اٿس. 1979ع ۾ کيس حسن ڪارڪردگيءَ جو صدارتي تمغو ڏنو ويو ۽ کيس 1997ع ۾ ستاره امتياز سان نوازيو ويو. اشفاق احمد نامور اديبه بانو قدسيه جو گھر وارو هو.
هن جون تصنيفون هي آهن: ”سفر در سفر“، ”گلدان“، ”حسرت تعمير“، ”جنگ بجنگ“، ”صحاني افساني“، ”ايک هي بولي“، ”ايک محبت سو افساني“، ”من چلي کا سودا“، ”حيرت کده“، ”شاهله کوٽ“، ”سفر مينا“، ”طلسم هوش افزاء“، ”واع جنگ“، ”گڊريا“، ”اجلي پهول“، ”ننگي پاؤن“، ”طوطا ڪهاني“، ”ٽاهلي ٿلي“، ”اچي برج لهور دي“، ”بابا صاحبا“، ”کهٽيا وٽيا“ (پنجابي شاعري)، ”اور ڊرامي“، ”دهينگا مشتي“، ”ذکر شباب“ ۽ ان کانسواءِ هن ريڊيو ۽ ٽي.وي تي ڪيترائي ڊراما ۽ افسانا پڻ نشر ٿيا. پاڪستان جي هن نامور شاعر، اديب، افسانه نگار، ماهرِ تعليم، صحافي، براڊ ڪاسٽر ۽ صوفي صفت ڏاهي، 7 سيپٽمبر 2004ع تي وفات ڪئي.


لفظ اشفاق احمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.08.22  عيسوي

اشفاق احمد: مشهور اردو اديب ۽ افسانه نگار اشفاق احمد ، 22 آگسٽ 1925ع تي مڪتسر ضلعي فيروزپور ۾ پيدا ٿيو . سندس پيءُ جو نالو ڊاڪٽر محمد خان هو .


1958.00.00  عيسوي

1958ع ۾ جڏهن مارشل لا دوران هڪ حڪم تحت پروگريسو پيپرز لميٽڊ کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو ته پاڻ هفتيوار ” ليل و نهار “ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو .


1979.00.00  عيسوي

1979ع ۾ کيس حسن ڪارڪردگيءَ جو صدارتي تمغو ڏنو ويو


1997.00.00  عيسوي

1997ع ۾ ستاره امتياز سان نوازيو ويو .


2004.09.07  عيسوي

نامور شاعر، اديب اشفاق احمد 7 سيپٽمبر 2004ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رائو شيرالزمان
گل محمد گاد
سردار خان چانڊيو
ظفر الله جمالي
ديوان ٽهلرام کيمچند
عبدالباقي صديقي بکري
عثمان هاروني خواجه
سيد قادر ڏنو شاهه
امداد حيدر سولنگي
الهجڙيو سمون
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون