اصحاب

اصحاب: صحابيءَ جو جمع، نبي سڳوري حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جو صحبتي. نبي سڳوري جا چار وڏا اصحابي، جن کي ”اصحاب ڪبار“ چيو وڃي ٿو، سي حضرت ابوبڪر صديق، عمر بن الخطاب، عثمان بن عفان ۽ علي بن ابي طالب آهن، جن نبي سڳوري جي زماني ۾ اسلام قبول ڪري حضور پاڪ جن جي صحبت جو شرف حاصل ڪيو، انهن جي نالن پويان احترام خاطر ”رضي الله تعاليٰ عنه“ لکبو يا اُچاربو آهي. اهي برگزيده اصحاب يا صحابي ليکيا وڃن ٿا. ان کان سواءِ به حضور اڪرم صه جي صحبت ڪيترن ئي اصحابن کي نصيب ٿي.


لفظ اصحابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو