اقبال جوڳي

اقبال جوڳي

اقبال جوڳي

اقبال جوڳي: مرليءَ جي فن ۾ عالمي شهرت رکندڙ فنڪار اقبال ولد ڪلامتي جوڳي 1925ع ڌاري ڳوٺ همباره، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. 35 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي سنڌ جي تاريخي شهر اروڙ جي ڀرسان ديهه بنٽاري ۾ اچي رهائش پذير ٿيو ۽ آخر تائين اتي مقيم رهيو. هيءُ غربت جي ڪري تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. کيس مرلي وڄائڻ جو فن پنهنجي والد کان ورثي ۾ مليل هو. هن مرلي وڄائڻ ۾ مسلسل تربيت استاد سدوري خان جوڳيءَ کان ورتي، جنهن سان گڏ ڪيترائي سال رهي رياضت ڪيائين. شروع کان وٺي مرلي وڄائڻ ۾نوان لاڙا ۽ سر پيدا ڪرڻ سندس شوق رهيو. هن پهريون ڀيرو 1962ع ڌاري جيڪب آباد جي هڪ ميلي ۾ مرلي وڄائڻ جو نهايت شاندار مظاهرو ڪيو، جتي هن کي تمام گهڻو داد مليو. 1964ع ۾ ميرپور بٺوري جي ميلي ۾ سندس مقابلو ان وقت جي مشهور مرلي نواز ”ڪاري جوڳي“، ”ناٿي جوڳي“ ۽ ”رمضان جوڳي“ سان ٿيو، جنهن ۾ هن ڪاميابي ماڻي. ان ڪاميابيءَ کانپوءِ کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شاندار مرلي وڄائيندڙ جي حيثيت ملي ۽ مشهور ٿيو. سندس مرلي وڄائڻ جي فن کان سنڌ جو نامور اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تمام گهڻو متاثر ٿيو، جنهن هن کي ريڊيو تي متعارف ڪرايو. ريڊيو تي مقبوليت کانپوءِ کيس عبدالڪريم بلوچ پي. ٽي. ويءَ تي متعارف ڪرايو. اقبال مرليءَ تي 17 سُر نهايت مهارت سان وڄائي ويندو هو. هن 1974ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل ثقافتي ميلي ۾ مرلي وڄائي اتي ويٺل سفيرن کي حيران ڪري ڇڏيو. اقبال جوڳي شاهه عبدالطيف ڀٽائي. سچل سرمست، ٻڍل فقير، رکيل شاهه ۽ ريجهه علي شاهه جو ڪلام ڳائيندو هو. هن 16 اپريل 1987ع تي وفات ڪئي .


لفظ اقبال جوڳيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1925  عيسوي

اقبال ولد ڪلامتي جوڳي 1925ع ڌاري ڳوٺ همباره ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو .


16.04.1987  عيسوي

اقبال جوڳي 16 اپريل 1987ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالرزاق مشرب
خاصخيلي يڪو ملهه
جتوئي غلام رسول مولانا
پير عالي
شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي
قربان علي خاصخيلي
شير خواجه
چارڻ سُمنگ
ايس آر راءُ
سيد صالح محمد شاهه 2
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون