الاهي بخش سومرو

الاهي بخش سومرو

الاهي بخش سومرو

الاهي بخش سومرو: الاهي بخش سومرو خانداني سياستدان آهي، شڪارپور جي سومرا خاندان سان تعلق رکي ٿو ۽ سنڌ جي پراڻي سياستدان حاجي مولابخش سومري جو پٽ ۽ احمد ميان سومري جو ڀاءُ آهي. اصل ۾ انجنيئر آهي. اين. اي. ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ جو پرنسپال ۽ ڪراچي ترقياتي اداري جو ڊائريڪٽر جنرل به رهي چڪو آهي. شهيد ذوالفقار ڀٽي جي حڪومت واري زماني ۾، برطانيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ سفير ٿي رهيو. جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت واري زماني ۾ پهريون ڀيرو وفاقي وزير ٿيو. 1985ع جي چونڊن ۾ بنامقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 29 مئي 1988ع ۾ جڏهن جنرل ضياءُ الحق، محمد خان جوڻيجي جي حڪومت برطرف ڪري، نگران ڪابينا ٺاهي ته ان ۾ کيس کي وفاقي وزيراطلاعات ۽ نشريات بنايو ويو. 1990ع ۾، ۽ پوءِ 1997ع ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر پڻ رهيو آهي. کيس شاگردي واري زماني کان ڪتاب پڙهڻ جو شوق رهيو آهي ۽ سندس گھر ۾ وڏي لائبريري پڻ قائم ٿيل آهي.


لفظ الاهي بخش سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو