البرٽ ڪامئو

البرٽ ڪامئو

البرٽ ڪامئو

البرٽ ڪامئو (Albert Camus ):البرٽ ڪامئو فرانس جو مشهور ناول نگار هو، جو الجزائر ۾ 1913ع ڌاري پيدا ٿيو. هن جا والدين هسپانوي هئا. سندس پرورش اتر آفريڪا ۾ ٿي ۽ هن ڪيئي ملازمتون ڪيون. تنهن کان پوءِ هو فرانس جي راڄڌانيءَ ۾ آيو ۽ صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين. 1942ع ۾ هن ”ڌاريو“ (outsider) ناول لکي، شهرت حاصل ڪئي. هو جرمن والار خلاف مزاحمتي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو ۽ ”لڙائي“ اخبار (جا چوريءَ ڇپي نڪرندي هئي) جو ايڊيٽر هو. جنگ جي خاتمي کان اڳ ۾ هن هڪ ناٽڪ ڪَئلي گلا (رومن شهنشاهه) 1939ع ۾ لکيو ۽ جنگ دوران ناول ”اجنبي“، ”بيروني ماڻهو“ ۽ ڪجهه دانشورانه مضمون ”سسيفس جي ڏند ڪٿا“ جي نالي سان لکيا. ان کان پوءِ هن سياست ترڪ ڪري ڇڏي ۽ سارو وقت صحافت کي ڏيڻ لڳو ۽ هن کي بين الاقوامي شهرت ناول ”پليگ“ ۽ ڪتاب ”باغي“، ”بغاوت، مزاحمت ۽ موت“ ۽ ڊراما ”قابوءَ سبب ملي. هن کي جنوري 1957ع ۾ کيس نوبل پرائيز به مليو. فرانس ۾ جيڪي وڏا اديب ٿيا آهن، تن ۾ آندري مالرو، (جيڪو ڊيگال جو ڪلچر منسٽر به هو ۽ جنهن اسپين جي جنگ آزادي ۾ هيمنگوي ۽ ٻين سان گڏ انٽرنيشنل برگيڊ ۾ حصو ورتو هو، وجوديت جي فلسفي تي ڪيترا ڪتاب لکندڙ ناول نويس سارتر، هن جي محبوبا سميون دي بيوار ۽ ڪامئو اچي وڃن ٿا. ڪامئو جو مشهور ناول ”پليگ“فرانس جي باري ۾ هڪ تمثيل هئي. ”سسيفس جي ڏند ڪٿا“ واري مضمون ۾ ڪامؤ ڏيکاريو آهي ته هن ڪائنات ۾ خوشي تڏهن ممڪن ٿي سگھي ٿي، جڏهن انسان هڪ ڀيرو اهو مڃي ته زندگيءَ کي ٻي معنيٰ نه آهي سواءِ ان جي ، جا هو ان کي ڏئي ٿو. ڪامئو ڪنهن هنڌ سارتر جي وجوديت کي به مڃيندو نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ هن وجوديت تي تنقيد ڪندي لکيو هو ته ”اها انهيءَ مابعدالطبيعياتي سمجھاڻيءَ جي جاءِ والاري ٿي، جيڪا هوءَ الٽ پلٽ ڪري چڪي آهي.“ ڪامو ۽ سارتر سياسي اختلاف به ڪافي رکندا هئا، ڇو ته ڪاموءَ هڪ مضمون ۾ لکيو ته: ”سياسي ۽ سماجي ترقي ڏاڪي به ڏاڪي ٿيندي ۽ مڪمل انقلاب سان نه ٿيندي، جيئن سارتر ۽ مارڪسٽ چوندا هئا.“ ڪاموءَ جي ناولن ۾ انسان ذات ۾ اعتبار واضح آهي. ڪامئو 1960ع ۾ رستي تي ڪار جي حادثي ۾ مري ويو. هن جي ناول “Outsider” جو ترجمو نامور سنڌي اديب ولي رام ولڀڌاريو“ عنوان هيٺ ڪيو آهي، جيڪو روشني پبلڪيشن ڪنڊياري پاران ڇپجي چڪو آهي.


لفظ البرٽ ڪامئوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.00.00  عيسوي

البرٽ ڪامئو ( Albert Camus ) : البرٽ ڪامئو فرانس جو مشهور ناول نگار هو ، جو الجزائر ۾ 1913ع ڌاري پيدا ٿيو


1957.01.00  عيسوي

البرٽ ڪامئو: هن کي جنوري 1957ع ۾ کيس نوبل پرائيز به مليو


1960.00.00  عيسوي

ڪامئو 1960ع ۾ رستي تي ڪار جي حادثي ۾ مري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام بخاري
ٽڪا خان
عبدالقيوم سڪندري مهر
خيرو درس
احفاظ الرحمان
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
بهاول خان عباسي5
بوزدار مسز راءِ ناز علي
سميع الله ڪلهوڙو
ضياء الدين احمد سيد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون