البصائر

البصائر

البصائر

البصائر (ڪتاب ):فلسفي جي موضوع تي عربيءَ ۾ تصنيف سنڌ جي هڪ وڏي عالم ۽ عارف مخدوم بصر الدين صديقي سيوهاڻيءَ (1938ع-1863ع) جي آهي ۽ سندس حياتيءَ ۾ هڪ دفعو عباسي ليٿو آرٽ پريس فريئر روڊ ڪراچي مان ڇپيو هو، جنهن کي بعد ۾ مخدوم سليم الله صديقي مقدمي/سوانح ۽ سنڌي ترجمي سان اداره پاٽ هاؤس طرفان شايع ڪرايو. هن ڪتاب ۾ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: ”سنڌ ۾ مخدوم بصر الدين پهريون عالم هو، جنهن کي اسلامي ۽ مغربي علوم ۾ دسترس حاصل هئي. کانئس پوءِ اها علمي فضيلت ۽ عظمت علامه آءِ. آءِ. قاضي کي عطا ٿي. ٻنهي جو سنڌ جي وڏي علمي مرڪز پاٽ سان تعلق هو.“


لفظ البصائرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو