البيلي

البيلي (فلم ): هيءَ سنڌي فلم ڀٽائي فلمز جي پيشڪش سان 1973ع ۾ عيدالفطر جي موقعي تي رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار غلام حيدر صديقي، پـروڊيـوسـر آر. بـي. چـوڌري ۽ مـوسـيـقـار غـلام عـلـي هـو. فـلـم ۾ ڪـرن، عشرت چوڌري، مشتاق چنگيزي، عبدالحق ابڙي، سڪندر ۽ قربان جيلانيءَ اداڪاري ڪئي. فلم شاليمار سئنيما حيدرآباد، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي ۽ شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري وئي.


لفظ البيليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو