الجماعت

الجماعت (اخبار ):سنڌي ٻوليءَ ۾ نڪرندر هفتيوار اخبار، جيڪا پهرين آڪٽوبر 1938ع تي سيد صدرالدين شاهه بخاريءَ شڪارپور مان جاري ڪئي. هيءَ اخبار ڀرچونڊيءَ واري پير جي جماعت ”احياءُ الاسلام“ جي ترجمان هئي. اخبار شروع ۾ ”ديوي پرنٽنگ پريس“ ۽ پوءِ ”شڪارپور اليڪٽرڪ پريس“ مان ڇپبي هئي. 1947ع ۾ جڏهن پير آف ڀرچونڊيءَ جي تحريڪ سرد ٿي وئي، تڏهن شاهه صاحب هيءَ اخبار سيد سرور علي شاهه گيلانيءَ کي وڪرو ڪري ڏني، جنهن سال کن ته شڪارپور مان ئي ڪڍي، پر پوءِ ان کي ڪراچيءَ کڻي ويو ۽ اتان 1961ع تائين اردوءَ ۾ ڪڍندو رهيو. انهيءَ سال ئي سيد سرور شاهه جي وفات کان پوءِ هيءَ اخبار بند ٿي ويئي.


لفظ الجماعتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو