الحبيب

الحبيب (رسالو): هيءُ ماهوار سنڌي رسالو ماستر پير بخش ناپر، مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جي چوڻ تي 1923ع ۾ چنڊ ڳوٺ ضلعي شڪارپور مان جاري ڪيو. هن رسالي ۾ قومي اسلامي ڏينهن، ديني عالمن جي حياتين ۽ ڪارنامن توڙي تاريخ ۽ فلسفي جي عنوانن هيٺ عبدالڪريم چشتيءَ سميت مختلف عالمن جا مضمون شايع ٿيندا هئا. هر پرچي ۾ مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جا مختلف موضوعن تي خاص مضمون شايع ٿيندا هئا. هيءُ رسالو ڪيترو ئي وقت جاري رهيو ۽ پڙهندڙن ۾ ڪافي مقبول ٿيو.


لفظ الحبيبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو