المصطفيٰ

المصطفيٰ: پهريون سنڌي ٽائيپ رائيٽر. 72- 1971ع واري سال ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران، سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ، سنڌي شارٽ هئنڊ ۽ سنڌي ٽائيپ رائيٽر تيار ڪرايو. پهرين مشين سوئٽرزلئنڊ جي هرمس ڪمپني کان ٺهرائي مارڪيٽ ۾ آندي وئي، اُنهيءَ ٽائيپ رائيٽر مشين جو نالو ”المصطفيٰ“ سنڌي ٽائيپ رائيٽر رکيو ويو. اُن مشين جو ٻيو ايڊيشن هريپور هزاره مان پاڪستان جي ٽيليفون واري صنعت طرفان 1993ع ۾ ٺهرايو ويو. سڄي پروجيڪٽ پٺيان سيد غلام مصطفيٰ شاهه، تڏهوڪي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جو هٿ رهيو. هن جي تياريءَ ۾ ماهر عنايت الله عباسيءَ جو هٿ هو ۽ ٻوليءَ جا ماهر محمد ابراهيم جويو ۽ ڊاڪٽر الانا هئا.


لفظ المصطفيٰھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو